تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسگي جا وڌندڙ واقعا؟ زوار شاهه

تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسگي جا وڌندڙ واقعا؟ زوار شاهه

 جنهن طرح سان پاڪستان ۾ تعليم هڪ وڏي  صنعت بڻجي چڪي آهي ، نه  اهي اسڪول پوري ٽيڪس ٿا ڏين نه درست انگ اکر پيش ڪن ٿا. هڪ وڏي سازش تحت پاڪستان مان تعليم کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي ، پاڪستان ۾ تعليم کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ نمبر هڪ  امير ترين ، جنهن ۾ سينيٽرس، ايم اين اي ، صوبائي ميمبر ، ڀوتار ، جاگيردار، پير ، مير ، اعلي ترين ڪامورا  ٻئي نمبر تي  ، مڊل ڪلاس  جنهن کي اسان سفيد پوش به چئون ٿا ، جنهن ۾ وچولي طبقي سان تعلق رکندر ملازم ، عام تجارت ڪندڙ واپاري ، ان سان گڏ ٽيو ن نمبر غريب ، غريب ترين جيڪي سڄو ڏينهن ڪمائڻ لاء گهرن کان ٻاهر رهن ٿا. ڪڙو سچ اهو آهي ته رياست ۾ قائم جمهوريت جا گيت ڳائيندڙ غريب عوام کي تعليم ڏيڻ کان محروم آهن ، بجيٽ تي جيڪڏهن نظر رکنداسين ته اها ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي پر جيڪا آهي ته اها به ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي. مفت تعليم، تعليم سڀني لاءِ جو نعرو هڻندڙ به ڪو خاص ڪرشمو ناهي ڏيکاري سگهيا. غريب عام ماڻهن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندا پر اتي جو اهو معيار تعليم نظر نه پيو اچي جنهن سان ڪو اسان اهو چئي سگهون ته پاڪستان ۾ تعليم بهتر ٿي آهي سڄي پاڪستان ۾ هن وقت تعليم صرف صنعت آهي هڪ وڏي انڊسٽري آهي جتي  لکين روپيا فيس وصول ڪري  پاڪستاني شهرين جي ٻارن کي پڙهايو وڃي ٿو جنهن تي مان ته اهو اڪثر ڏٺو آهي ته انهن  خاص طور نجي اسڪولز هجن يا ڪالجز هجن يا يونيورسٽيز هجن  ، انهن جو ڪو خاص حڪومت پاڪستان جو ڪنٽرول ئي ناهي ، ايتري قدر جو فيس جي وڌيڪ وٺڻ کي گهٽ ڪرائڻ لاء به عوام کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، هاء ڪورٽ سان رابطو ڪرڻو ٿو پوي ، عدالت سڳوري جي فيصلي اچڻ کان پوء به اهي نجي اسڪول انتطاميه مڃن لاء تيار ناهي ، پر جيڪڏهن ڪو صحافي سماجي تنطيم جو ڪارڪنن انهن خلاف آواز اٿاريندو فوري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿي ويندا ، پر مان سلام پيش ڪندس انهن دوستن کي جيڪي انسان پرست وڪيل آهن اهي فوري ان غريب جو ڪيس وڙهڻ لاء aتيaر ٿي تيار ٿي وڃن ٿا ۽ نجي اسڪول انتطاميه کي ڪڙو جواب ڏنو وڃي ٿو ، مان هن حڪومت جي سابق وزيرداخله شهريار خان آفريدي جي ڳالهه ڪندس ته جنهن هڪ پروگرام ۾ اهو انڪشاف ڪيو ته پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جو وڪرو عام ٿي رهيو آهي.  شاگردن کي منشيات مفت ۾ ڏني وڃي ٿي جڏهن هو عادي ٿي وڃي ٿو ته پوء ڪئي اسڪولز انتطاميه انهن کي استعمال ڪن ٿا پوء اهي نوجوان شاگرد منشيات وڪرو ڪري پاڻ لاء مفت منشيات وٺن ٿا ، ان سان گڏ انتهائي خطرناڪ منشيات جنهن ۾ ڪرسٽل ، آئيس ، سميت آفيم هيروئن ، چرس ۽ ڀنگ سميت ٻيا به نشا عام وڪرو ٿين ٿا پر اهڙي  الزامن کي نجي اسڪول انتطاميا رد ڪيو هو. شهر يار خان آفريدي ڪو عام ماڻهون ناهي هو هڪ ذميوار وزير رهي چڪو آهي هن ته ڪجهه اسڪولن جا نالا به ٻڌايا هيا ، هن واضع ٻڌايو هو ته انهن تعليمي درسگاهن ۾ هاڻي شاگردياڻيوڻ منشيات وڪرو ڪن ٿيون  اسان ڪنهن به نجي اسڪول جي مخالف ۾ ناهيون پر انهن نجي ادارن اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي ،  پر اهو ڪڙو سچ آهي ته هن وقت گهٽ م گهٽ نجي اسڪولز حڪومت جي هٿ مان نڪري ويا آهن. حڪومت جو اهو ڪردار اسان نه ٿا ڏسون جيڪو هنن کي ادا ڪرڻ گهرجي. نجي اسڪول هڪ ڌار صنعت بڻجي چڪي آهي ، سڄي پاڪستان ۾ مان سمجهان ٿو ته نندا وڏا لکين نجي اسڪول هوندا جن  تعليم کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي ، جن جي اسڪولن ۾ گهٽ م گهت 4 کان پنج هزار شاگرد به هوندا  انهن جا به هو انگ اکر ادارن کي ڪوڙا ٿا موڪلين ، ڪجهه عرصو پهريان اهو به فيصلو ٿيو هو ته پاڪستان ۾ تمام اسڪولز جي آڊٽ ٿيندي پر مان سمجهان ٿو ته جيئن پهريان آڊٽ ٿيندي آهي  چلغوزا ، ڪاجو ، ماکي مکڻ سان ماني  گاڏين جو تيل به ڀرجي ملندو آهي، پوء ادا ڪوئي سچ ٻڌائي آڊٽ ڪهڙي ٿيندي؟  جماعت اسلامي جي چيئرمين جناب سراج الحق به زبردست ڳالهه ٻڌائي ته اسلام آباد جي تعليمي درسگاهن ۾ 60 فيصد شاگرد نشئي ٿي ويا آهن ، اسان اهو اندزاو لڳائي سگهون ٿا ته پوء ٻين اسڪولن ۾ ڪهڙو حال هوندو. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪجهه اهي به انسان آهن جيڪي تعليم ڄڻ مفت ۾ پيا ڏين جنهن ۾ راڻيپور جي هڪ ننڍڙي نجي اسڪول علي پبلڪ ماڊل اسڪول راڻيپور جتي ڪم پيش 280 شاگرد آهن جن کان اڪثر فيس ئي نه ورتي ويندي آهي مزي جي ڳالهه ته جيڪي ٻارڙن کي پڙهائين ٿا اهي به سنڌ جي مختلف يونيورسٽيز کان پوزيشن هولڊر شاگردياڻيون رهيون آهن هن اسڪول جي پرنسپال هڪ رٽائرد استاد جاويد ملاح چيو ته منهنجي زندگي جو هڪ ئي مقصد آهي ته مان  شاگردن کي پنهنجي اولاد سمجهي انهن کي تعليم ڏيان. خير جتي ڪاروباري ماڻهو آهن اتي خدا ترس ماڻهو به آهن. ان کان وڏو مسئلو شاگردياڻين کي جنسي طور حراسگي جو به آهي ۽ سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ڪجهه استادن تي به الزام لڳا آهن. مان سمجهان ٿو اها سازش آهي نياڻين کي تعليم کان پري رکڻ جي. ان ۾ ذاتي حوس ۽ شهوت جو شڪار بگهڙ نما استادن جا ڪجهه ذاتي ڪيس به ٿي سگهن ٿا پر ان پويان نياڻين جي تعليم نه پرائڻ جي هڪ منظم سازش ٿي سگهي ٿي جيڪو هڪ مائنڊ سيٽ هن ملڪ جي ڪجهه حصن جو رهيو آهي. اسان کي اهڙي مائنڊ سيت کي شڪست ڏيڻي آهي. ( هي ليکڪ جي ذاتي راءِ آهي ضروري ناهي ته ادارو ان سان متفق هجي)

پهنجو تبصرو موڪليو