لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) کي ٽيسٽ ٽيم جلد پاڪستان موڪلڻ جي آڇ ڪئي آهي.ذريعن موجب بنگلاديش بورڊ کي اها آڇ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ٽيم جي تربيت لاءِ ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ بنگلاديش ٽيم راولپنڊي ۾ تربيتي سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بي سي بي اڃا تائين پي سي بي جي آڇ جو جواب ناهي ڏنو.










