اعجاز ممنائي
بلوچستان پاڪستان جو رقبي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو ۽ وسيلن سان مالامال صوبو آهي. سمنڊ جي 770 ڪلوميٽر ڊگهي پٽي، گوادر جي گهري بندرگاهه، سون، ٽامي، گئس ۽ ٻين معدنيات جي ذخيرن جي باوجود هي صوبو اڄ به غربت، بيروزگاري ۽ عدم استحڪام جو شڪار آهي. ان جي بنيادي سببن مان هڪ “پائيدار امن” جي کوٽ آهي. جيستائين بلوچستان ۾ مستقل امن قائم نه ٿيندو، تيستائين ترقي جا خواب صرف خواب ئي رهندو.بلوچستان ۾ بدامني جي بنيادي سببن تي سڀني کي سوچڻ گهرجي۔وسيلن جي وڏي مقدار جي باوجود مقامي ماڻهن کي بنيادي سهولتون، روزگار ۽ ترقي جا موقعا نه ملڻ سبب اقتصادي محرومي پيدا ٿي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي طبقن کي اهو احساس آهي ته فيصلاسازي ۾ سندن آواز شامل ناهي. جنهن ڪري منجهن مايوسي وڌي آهي.ان کان سواء دور دراز علائقن ۾ اسڪول، ڪاليج، اسپتال ۽ صاف پاڻي جي کوٽ سبب نوجوان مايوس ٿي رهيا آهن. علائقي جي جيو-اسٽريٽيجڪ اهميت جي ڪري ڪجهه ٻاهريون قوتون بلوچستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.انصاف ۾ دير، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو ۽ قانون جي هڪجهڙائي تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان اعتماد گهٽجي رهيو آهي۔انڪري پائيدار امن جي قيام لاءِ 5 بنيادي ڳالهيون آهن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي
(1) سياسي شموليت ۽ مصالحت: امن جو پهريون شرط “ٻڌڻ” آهي. بلوچستان جي سڀني قومن، قبيلن، سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي هڪ ميز تي ويهاري سندن شڪايتون ٻڌڻ گهرجن. “بلوچستان لاءِ قومي ايڪشن پلان” جهڙا فورم قائم ڪري مسئلن جو سياسي حل ڳولڻ گهرجي. بندوق جو جواب بندوق نه، پر ڳالهه ٻولهه آهي.
(2) اقتصادي ترقي ۽ مقامي بااختياري: گوادر کي “مڪمل شهر” بڻائڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي ڪاروبار، مڇي مارڻ ۽ پورٽ جي نوڪرين ۾ ترجيح ڏني وڃي. ان سان گڏ رڪوڊڪ، سيندڪ جهڙن منصوبن مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو هڪ وڏو حصو سڌو سنئون بلوچستان جي تعليم، صحت ۽ روڊن تي خرچ ڪيو وڃي.خشڪ زراعت، ڊيم ۽ پاڻي جي بچت واري ٽيڪنالاجي سان هارين کي بااختيار بڻايو وڃي.
(3) تعليم، صحت ۽ نوجوانن جو مستقبل: نوجوان ئي ڪنهن به قوم جو مستقبل آهن. هر ضلعي ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج، يونيورسٽي ڪيمپس ۽ اسپتالون قائم ڪرڻ گهرجن. اسڪالرشپ، راندين ۽ آئي ٽي جي تربيت ذريعي نوجوانن کي مايوسي بدران اميد ڏني وڃي.
(4) قانون جي حڪمراني ۽ انساني حق: لاپتا ماڻهن جي مسئلي جو شفاف ۽ جلدي حل ڳوليو وڃي. پوليس ۽ عدليه کي مضبوط ڪري عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي ڪئي وڃي. دهشتگردي خلاف ڪارروائي سان گڏوگڏ بيگناهه ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.
(5) ميڊيا ۽ سماجي هم آهنگي: نفرت ۽ فرقيواريت بجاءِ رواداري، قومي يڪجهتي ۽ “پاڪستانيت” جو پيغام عام ڪرڻ گهرجي. مقامي شاعرن، اديبن ۽ سماجي اڳواڻن کي امن جي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. ڇوته امن سان ئي ملڪ اندر سيڙپڪار ايندا. گوادر مان سڄي خطي جي واپار جو دروازو کلي ويندو. پرامن بلوچستان افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر سان واپار ۽ توانائي جي رستن لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اندروني استحڪام سان ئي پاڪستان ٻاهرين چئلينجن کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ 20هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون مسلسل ڪوششون عوام جي اڻٿڪ حمايت سان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائينديون. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف هدف تي ٻڌل ڪارروايون پوري قوت ۽ عزم سان جاري رهنديون، ايستائين جو دهشتگردي ۽ ان جي سهولتڪارن جو پاڪستان مان مڪمل خاتمو ڪيو وڃي. هن ان ڳالهه جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته جتي به دهشتگردن جو بنيادي ڍانچو ملڪ ۽ ان جي عوام جي لاءِ خطرو بڻجندو، پاڪستان ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم تي قائم رهندو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ عنصر مسلسل بلوچستان ۾ تشدد کي هوا ڏيڻ، استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي اتحاد، حوصلي ۽ ثابت قدمي سان انهن ڪڌي ارادن کي مضبوط ۽ فيصلائتو جواب ڏئي ناڪام بڻائيندي. ڳالهه ٻولهه دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بلوچستان کي پاڪستان جو فخر قرار ڏيندي چيو ته اهو صوبو بي پناهه قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ هتان جي باهمت، محنتي ۽ محب وطن عوام ان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري ترقياتي منصوبن جو مقصد عوام دوست ۽ جامع حڪمت عملي جي ذريعي بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز قومي يڪجهتي جي فروغ ۽ بلوچستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سول سوسائٽي، تعليمي ادارن، ميڊيا ۽ نوجوانن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن ملڪ جي روشن مستقبل جي تعمير جي لاءِ قومي اتحاد، استقامت ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ويهڪ جي پڄاڻي سوال ۽ جواب جي سيشن تي ٿي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي استحڪام، ترقي، خودمختياري ۽ بلوچستان جي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو
ياد رکو بلوچستان جو مسئلو فوجي حل جو نه، پر سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حل جو محتاج آهي. رياست کي “طاقت سان امن” بدران “انصاف سان امن” جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي۔پائيدار امن جو مطلب آهي جتي ماءُ پنهنجي پٽ جي واپسي جو انتظار نه ڪري، جتي شاگرد ڪتاب کڻي اسڪول وڃي، جتي ڪاروباري ماڻهو بنا خوف ۽ خطري جي ڪاروبار ڪري، ۽ جتي بلوچستان جو هر شهري فخر سان چئي ته “هي منهنجو پاڪستان آهي”.جيڪڏهن اڄ اسان گڏجي بلوچستان لاءِ امن جو رستو نه چونڊيو، ته پوءِ ايندڙ نسلن کي به انهيءَ ئي چڪر ۾ ڦاسڻو پوندو. وقت جي تقاضا آهي ته اسان بلوچستان کي هٿيارن بدران قلم، نفرت بدران محبت ۽ مايوسي بدران اميد ڏيون. ڇوته “بلوچستان جي ترقي، پاڪستان جي ترقي آهي”۔










