بغداد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري امام موسي ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني. بلاول ڀٽو زرداري امام موسي ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀري امت مسلمه جي اتحاد ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ دعا گهري. بلاول ڀٽو زرداري امام موسي ڪاظم جي روضي تي ٻوٽو پڻ لڳايو. بلاول ڀٽو زرداري شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي پڻ حاضري ڀري.
Spoke to inaugural session of ????????-???????? Business Forum & announced creation of Pak-Iraq Business Council. Encouraged our dynamic business community to solidify eco. coop. through joint ventures & investments. MoU bet. FPCCI & Iraqi Chamber was signed to strengthen B2B linkages. pic.twitter.com/zEpaAx2Ksq
— BilawalBhuttoZardari (@BBhuttoZardari) June 6, 2023
بلاول ڀٽو زرداري جي لاءِ شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار جي نئين ڄاري کي خصوصي طور کوليو ويو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ چادر چاڙهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جو درگاهه شيخ عبدالقادر جيلاني جي سجاده نشين شيخ خالد عبدالقادر المنصور الجيلاني استقبال ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار شريف جي سجاده نشين شيخ خالد عبدالقادر المنصور الجيلاني مزار جي مختلف حصن جو دورو ڪرايو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي دوري جي موقعي تي عراق جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد ريڪان الحلبوسي ۽ اسلامڪ سپريم ڪائونسل آف عراق جي سربراهه حمام حمودي، عراق جي حڪومتي پارٽي جي صدر عمار حڪيم ۽ گھرو وزير عراقي عبدلاميرالشمري سان ملاقات ڪئي.

عراقي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد ريڪان الحلبوسي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ لاڳاپن ۽ ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڳالهه ٻولھ ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ پارلياماني شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو جو سبب بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ اعليٰ سطحي پارلياماني لاڳاپا هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اهم آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ عراقي گهرو وزير عبدلاميرالشمري وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين ۽ ڪاروباري برادري لاءِ عراقي ويزا جي سهولت تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ عراقي گهرو وزير عوامي رابطا وڌائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.










