ليکڪ اي اي عباسي
برسات جي آمد سنڌ ۾ گذريل تقريبن ڏيڍ مهيني کان جاري آهن پر تازو ڪجهه ڏينهن کان جيڪي برساتون سنڌ جي هر ضلعي ۾ تيز ۽ خطرناڪ قسم جون پيون آهن، اهي سنڌ جي تاريخ ۾ شايد ڪڏهن به برساتون نه پيون هونديون، اهڙيون برساتون جو هل هلان برسات بند ٿيڻ جو پري پري تائين نالو نشان ئي نه پر ٻيو ته ٺهيو پر مسلسل لاڳيتي برساتن پوڻ سبب چڱا ڀلا ماڻهو به گهرن جي ڇتين ، ديوارن ڀتين جي زبون حالي ۽ وهڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، شايد ڪو سنڌ جو گهر هجي جتي جنهن جي گهر جي ڇت نه وهي هجي، ڇاڪاڻ ته هتي اڳ ۾ سنڌ جي اندر ڪڏهن به ايڏيون برساتون نه پيون آهن، وهم گمان ۾ به نه هيو ته سنڌ جي اندر ايتريون برساتون مينهن پوندو، خطرناڪ مينهن برساتن جي پوڻ ڪري سنڌ جي هر پاسي تباهي مچي وئي آهي، لاڙڪاڻو جيڪو هر طرف کان برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي، اڪثر غريب مسڪين مارو ماڻهن جا گهر ماڳ مڪان زبون حاليءَ سبب ختم ٿي ويا آهن، لکين ماڻهو بي گهر بڻجي ويا آهن سوين ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا آهن ۽ هزارين ماڻهو زخمي ٿيا آهن، هر پاسي ايمرجنسي واري صورتحال آهي، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي حڪومت طرفان “ فيلڊ ريليف ڪيش پروگرام ” 37.2 ارب رپيا جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن ذريعي في خاندان کي 25.000 امداد ۽ 15 لک خاندانن جي 90 لک متاثرين ماڻهن ۾ ورها.ئڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙي طرح ئي ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ زوردار برساتون ٿيون آهن جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 400 ڀيرا وڌيڪ آهن، جنهن ڪري مٽياري دادو سميت 23 ضلعا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آهن، انهي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ وفاقي وزير خارجه توڙي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ ۽ پنهنجي ضلع لاڙڪاڻي جي باري ۾ ڪي سرگرميون نه ڏٺيون ويون آهن ، جڏهن ته پوري سنڌ ۽ ضلعو لاڙڪاڻو هميشه پيپلز پارٽي کي ڀرپور ووٽ ڪري اسيمبلين ۾ پهچائي ٿو ۽ ايوانن ۾ سنڌ جي سورن، اهنجن، دردن ۽ تڪليفن مشڪلاتن کي پيش ڪرڻ جي اميد ڪري ٿو پر سنڌ جي عوام کي هميشه مايوسي سامهون اچڻ لڳي ٿي، هن وقت پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي چوڌاري صرف مينهن برساتن جو سلسلو جاري آهي. هر طرف تاريخ جي تمام گهڻي برسات پئي آهي. برسات ڇا آهي جيڪا بند ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. پنهنجي سنڌ جي هر پاسي شهرن ڳوٺن ۾ نه کٽندڙ برسات جون تباهه ڪاريون سامهون ڏسي هر سنڌ واسي وڏي صدمي ۾ ورتل آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪنهن غريب مسڪين پورهيت مزدور روز ڪمائي کائيندڙ غريب ماڻهو جي مسلسل برساتون پوڻ سبب ڪهڙو حال بڻيو آهي ڪو اندازو نٿو ڪري سگهي. هن وقت برسات جي پوڻ کان پوءِ هر پاسي جيڪا سنڌ جي مارو ماڻهن جي ڏک سان ڀريل ڪيفيت بڻيل آهي انهي تي سڀ کان پهريان پيپلز پارٽيءَ جي چونڊيل نمائندن قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن ، صوبائي وزيرن ۽ ضلع انتظاميه کي فوري طور تي هنگامي بنيادن تي لاڙڪاڻو جي عاقل آگاڻي بند، خيرپور پل، ڄامشورو سميت پوري سنڌ جي دريائي سائيڊن جي ڪنارن ڪپرن جي الرٽ هنگامي طور تي حفاظت لاءِ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ سميت ٻين ادارن جهڙوڪ پوليس، آرمي وغيرهه جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ جتي جتي پٿر جي ضرورت آهي اتي بندن جي حفاظت لاءِ پٿر وغيرهه مضبوط ڪرڻ لاءِ لڳايو وڃي، باقي برسات متاثرهه ماڻهن کي هاءِ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين سرڪاري وڏين عمارتن ۾ رهائش ڪرائي انهن کي ريليف ڏيارڻ سميت کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي وڃي، پر هڪ خيال ڪيو وڃي ته جتي به برسات متاثرين کي رهائش ڪرائي وڃي اتي آرمي جي نگراني ۾ کاڌو فراهم ڪيو وڃي ۽ سال 2010ع وانگر سرڪاري عمارتن ۾ رهائشي ماڻهن کي پابند ڪيو وڃي ته اتي ڪنهن به صورت ۾ تعليمي ادارن جو فرنيچر ميزون، ڪرسيون، بئنچون ۽ ٻيو سامان ساڙي کپائي وڪرو ڪري ڀينگ نڌڻڪن سرڪاري ادارن جي نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته پوءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن کي فرنيچر ملڻ وڏو مشڪل ڪم آهي، جنهن ڪري فرنيچر نه هجڻ ڪري پوءِ هزارين شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي ٿي، سڀ کان اڳ ۾ جيڪڏهن سنڌ جي تمام گهڻو متاثره علائقن ضلعن جي عوام کي پنهنجي صوبي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرائي وڃي جيئن انهن کي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ۽ فلاحي انٽر نيشنل ادارن دعوت اسلامي جي سماجي خدمتن واري شعبي ايف جي آر ايف، سيلاني انٽر نيشنل فلاحي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ انهن کي هڪ درخواست ڏني وڃي ته اهي به انهن برسات متاثرهه سنڌ جي عوام جي خدمت ڪنديون، ڪراچي ۾ جڏهن پوري دنيا جا لوڌيل ماڻهو رهي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ جا اصلوڪا مارو ماڻهو برسات متاثر ڇو نه ٿا رهايا وڃن، برسات سبب سنڌ جو نظام درهم برهم ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ سنڌ جي ماروئڙن جي سار لهڻ سنڌ جي عوام کان هميشه ووٽ وٺندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام سان هن ڏکي گهڙيءَ ۾ نڀاهڻ گهرجي، تاريخ جي بدترين صورتحال قدرتي آفت سنڌ جي مٿان پئي آهي هاڻي الله رب العالمين پنهنجو رحم ڪرم ڪري، حڪومت ۾ ويٺل حڪمران انهي ڳالهه جا قانوني آئيني طرح پابند آهن ته ملڪ سنڌ جي عوام کي ريليف ڏياري هن ڏکي صورتحال ۾ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جا وزير ، چونڊيل نمائندا ۽ ضلع انتظاميه رڳو فوٽو سيشن تائين نه پر برسات متاثرين جي عملي طرح امداد ڪري انهن جي حقيقي واهر ڪئي وڃي، جيئن سنڌ جو عوام محسوس ڪري سگهي ته اسان جي حڪومت اسان لاءِ واقعي ڪا هنگامي طور تي اپاءَ وٺي اسان جي واهر ڪئي وئي آهي. حالتن جي ستم ظريفي اها آهي ته برسات دوران ئي مارڪيٽ بازارن جي مفايائون هر روز مرهه جي استعمال ۾ ايندڙ سين جا اگهه ريٽ وڌائي ڇڏيا آهن ٻيو ته ٺهيو پر برسات ۾ گهرن جي ڇتين جي حفاظت لاءِ ڪليون جيڪي 30 يا 40 رپيا ميٽر ملندي هئي اها ڪلي هاڻي 300 رپين ۾ به نهڌٿي ملي ڇاڪاڻ ته مسلسل برسات سبب گهرن جون ڇتيون وهڻ لڳيون آهن ۽ دڪاندار مافيائون اهڙي طرح سبزين، فروٽ، اٽي، چانور سميت هر شيءِ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳي آهي، انهن تي ضلع انتظاميه ڪڏهن قدم کڻندي ۽ انهن جي غير قانوني طورطريقن جي بيهڪ کي لغام ڏيندي؟.










