بجلي چوري ۽ عدم ادائگي خلاف قدمن جا سٺا نتيجا نڪتا آهن: محمد علي

بجلي چوري ۽ عدم ادائگي خلاف قدمن جا سٺا نتيجا نڪتا آهن: محمد علي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران توانائي واري وزير محمد علي جو چوڻ آهي ته بجلي چوري ۽ عدم ادائگي خلاف قدمن جا سٺا نتيجا مليا آهن، اهي قدم جاري رهندا.اسلام آباد ۾ نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران توانائي واري وزير چيو ته سالن کان بجلي چوري ٿي رهي آهي پر ڪير به روڪڻ وارو ناهي.محمد علي چيو ته بجلي جي مد ۾ 2500 ارب ۽ گئس جي مد ۾ 2900 ارب رپين جو خسارو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار 10 سالن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي وئي آهي.توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري يا صوبن کي ڏيڻ سميت سمورن آپشنز جو جائزو ورتو پيو وڃي، ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جي پيداوار ۾ 3 ارب ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي. نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو آهي ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان طئي ٿيل هدف حاصل ڪيو ويندو، ميڪرو اڪنامڪ اشارا معاشي بحالي کي ظاهر ڪري رهيا آهن. پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا هن وقت بلند نه پر مستحڪم آهن.شمشاد اختر چيو ته نگران حڪومت مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن، حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان چئلينجن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، حڪومت جي قدمن سان ڪيترن ئي شعبن ۾ بهتري آئي آهي.نگران ناڻي واري وزير چيو ته چئلينجز کي هڪ هڪ ڪري حل ڪيو پيو وڃي، حڪومتي قدمن سان فصلن جي بهتر پيداوار ٿيندي، روينيو وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سمگلنگ جي روڪٿام سان رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، صنعتن جي حالت وقت سان بهتر ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو