لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ڪنهن سان دشمني يا غلامي نٿا چاهيون.ڪهوٽا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چونڊيل حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي، حقيقت ۾ آمريڪا کي اهڙو وزيراعظم پسند ناهي جيڪو آزاد پرڏيهي پاليسي کڻي اچي.هن چيو ته اسان آمريڪا يا هنن چورن جي غلامي نٿا چاهيون، امپورٽ ٿيل حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ هن وقت تائين 100 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري هڪ سازش تحت لٽيرن کي خريد ڪيو ويو پر هنن لٽيرن کي خبر ناهي ته وقت بدلجي ويو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، منهنجي خلاف 15 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن توهان هزارين ڪيس داخل ڪريو ته انهن چورن کي سڃاڻي نه سگهنداسين.هوڏانهن خوشاب ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان انڪشاف ڪيو ته اڻڄاتل نمبرن تان مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، خوف ڏياريو پيو وڃي پر مان ڊڄڻ وارو ناهيان.










