واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي هڪ عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي توهين عدالت جو ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب نيويارڪ جي اٽارني جنرل جي جاچ بابت ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اٽارني جنرل کي گهربل دستاويز فراهم ڪرڻ تائين روزانو 10 هزار ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته ڊونلڊ ٽرمپ عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڪندو، جڏهن ته ٽرمپ جي وڪيلن دعويٰ ڪئي آهي ته دستاويز اڳ ئي فراهم ڪيا ويا آهن.










