ليکڪ محمد خالد ميمڻ
اسان وٽ ته سرڪاري اعلان ٿين ٿا ۽ واه واه ٿيو ٿي وڃي ته واه سائين زبردست هن حڪومت ته وڏو ڪم ڪري ڇڏيو اعلان ٿيندي ئي سرڪار جي تعريف شروع ٿيو وڃي ۽ درٻاري قسم جا ماڻهو واه واه ڪندي ٿڪجڻ جو نالو ئي ناهن وٺندا پر ڪڏهن ڪنهن اهڙن سرڪاري اعلانن کي عملي جامو پهريندي ڏٺو آهي ٻيا ته سرڪاري اعلان پنهنجي جاء تي رڳو اعلان ئي رهيا آهن پر عوام لاء هن تجربيڪار ماڻھن تي مشتمل حڪومت تازو ٻه اعلان ڪيا هيا هڪ اٽو 65 روپيا ڪلو ۽ ٻيو وري ڀاڻ سستو ڪرڻ جا سرڪاري اعلان ڪيا ۽ وري هر تقرير ۾ سڀ سرڪاري نمائنده وڏي واڪي چوندا نظر ٿا اچن ته اسان عوام کي وڏو ريليف ڏنو آهي اٽو سستو ڪيو آهي زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاء ڀاڻ ڪلر سستوڪيو آهي پر اصل زميني حقيقتون ته ان جي بلڪل ئي ابتڙ آهن ۽ اڳ ۾ ته جڏهن اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا گهٽ هئي ته چئي سگهجي پيو ته سرڪار کي اصل زميني حقيقتن جي شايد خبر نه هوندي پر هاڻي ته هر ذري پرزي جي ڄاڻ هڪ ننڍي ٻار کان ويندي پوڙهي پڪي ۽ حڪمرانن تائين پهچي ٿي وڃي ڇوته هاڻي ڄاڻ جا ذريعا تمام گهڻا آهن پر پوء به سڀ خبرون هوندي به حڪمران نڪ جي پڪائي سان هرروز چون ٿا پيا ته اسان اٽو ۽ ڀاڻ سستو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو ثمر عوام کي باقائده ملي رهيو آهي جڏهن ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي اينگرويوريا ڀاڻ جنهن جو سرڪاري اگھ 22 سئو روپيا آهي پر مارڪيٽ ۾ اها 3 هزار روپيا ٻوري ملي رهيو آهي ائين ڊي اي پي اين اي پي سونا يوريا سڀ ڪلر سرڪاري اگھ کان وڌيڪ اگھ تي وڪرو ٿي رهيو آھي ۽ ان جي ڪري اسان جا هاري سخت پريشان آهن ڇاڪاڻ ته تازو حاليه تباه ڪن برساتن سبب سندن جو تيار فصل مڪمل تباه ٿي ويو ۽ هاڻي وري نئون فصل پوکڻ لاء کين ڪلر به سرڪاري اگھ کان مٿي ملي رهيو آهي ته ان صورت ۾ سنڌ جو عوام ڪيئن تڪليفن ۽ مصيبتن مان نڪري سگهندو ۽ ٻئي پاسي اٽو جنهن لاء سنڌ سرڪار جي چوڻ مطابق ته اسان 11 سئو اٽي جا اسٽال لڳايا آهن جتي 65 روپيا ڪلو اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي هاڻي کڻي ڀلا سنڌ سرڪار جي ان اعلان کي سچ مڃجي ته به سڄي سنڌ ۾ 11 سئو اسٽال لڳائڻ سان ڇا سنڌ جي سڀني ماڻھن کي سرڪاري اگھ تي اٽو ملندو؟ن بلڪل به نه سڄي سنڌ لاء 11 سئو اٽي جا اسٽال نه هجڻ برابر آهن ۽ جڏهن ته سرڪاري اٽو جيڪو فراهم ڪيو پيو وڃي اهو انتهائي ناقص قسم جو خراب ڪوالٽي جو هجڻ جون خبرون ملن پيون ڇوته سرڪاري گدامن مان موڪليل ڪڻڪ جنهن ۾ هٿ سان مٽي واري بجري وغيره ملائي وزن پورو ڪرڻ هڪ معمول آهي اها ڪڻڪ فلورمل وارن کي موڪلي وئي آهي جنهن سبب هڪ ته خراب گهٽ ڪوالٽي وارو اٽو ملي رهيو آهي ٻيو وري سنڌ جي سڀني شهرن ۾ سستي ڪڻڪ جا اسٽال موجود نه هجڻ سبب اگر ڪنهن شهر ۾اسٽال موجود آهن ته اتي وڏي رش هجڻ سبب عام عوام کي اٽو سستو نه پيو ملي اهوئي اٽو دڪاندارن کي ملڻ جون پڻ خبرون اچن پيون جنهن جي ڪري عام دڪاندار ساڳيو اٽو سئو روپيا ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن مطلب ته عوام کي ڪٿي به ڪوبه ريليف نه پيو ملي ريليف رڳو اعلانن ۾ آهي باقي حقيقتون ان جي سراسر مختلف آهن ۽ اهي خبرون حڪمرانن کي به آهن پر انهن کي ڪابه ڳڻتي ناهي اهي رڳو عالمي برادري کان امداد وٺڻ ۽ اها مليل امداد ڦٻائڻ ۾ پوري آهي ۽ سرڪار جو بيوروڪريسي تي به ڪوبه اثر ڪوبه حڪم نه ٿو هلي پيو ڇوته سياستدان خود انهن سان گڏ ڪرپشن ۾ شامل آه جنهن جي ڪري بيوروڪريسي به هرهنڌ هر پراجيڪٽ ۾ گهپلا ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ڪرڻ ۾ پوري آهي جنهن جو تازو مثال ايم 6 ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهي جنهن ۾ بيوروڪريسي ۽ سياستدان ملوث آهن ائين ئي برسات متاثرين جي آيل امداد ۾ پڻ گهوٻين جا اطلاع آهن ان ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ ڪري بيوروڪريسي جو ٻين مسئلن ڏانهن ڪوبه ڌيان ناهي جيئن اڳ ۾ ڪٿي به ڪنهن مسئلي تي احتجاج ٿيندو هيو ته انتظاميه ان جو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪري ڇڏيندي هئ پر هاڻي عوام روزانه مختلف مسئلن سميت ڀاڻ ۽ اٽو سرڪار اگھ کان مٿي ملڻ بابت احتجاج ڪن ٿا پيا پر حڪمرانن سميت بيوروڪريسي جو ان طرف ڪوبه ڌيان ناهي ۽ ان جي ڪري وڏا سيڙپ ڪار عوام کي ٻنهين هٿن سان لٽي رهيا آهن ۽ عوام دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهي پر سندن جون دانهون ڪوڪون رڙيون ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي هاڻي عوام ڀلا ڪاڏي وڃي ۽ ڪير اٽي ۽ ڀاڻ جي سرڪار اگھ جي فراهمي واري سرڪاري اعلان تي عمل ڪرائيندو؟










