ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه ايم اي جناح روڊ تي واقع رمپا پلازه ۾ باهه لڳي وئي.فائر برگيڊ عملدارن موجب رمپا پلازه ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي پر ان کي مڪمل طور تي وسائڻ جو ڪم جاري آهي.فائر برگيڊ جون ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ ٻيا امدادي ادارا فائر برگيڊ آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، فائر فائٽر به باهه وسائڻ لاءِ اسنارڪل جو استعمال ڪري رهيا آهن.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه تي مڪمل ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ فائر ٽينڊرز طلب ڪيا ويا آهن، باهه وسائڻ لاءِ فوم پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي.باهه لڳڻ واري عمارت ۾ موجود ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته باهه هڪ گهڻ ماڙ عمارت جي پهرين منزل تي هڪ فليٽ ۾ لڳي.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ ۽ ٻين امدادي ادارن جي دير سان پهچڻ سبب عمارت کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.










