اسلام آباد(بيورو رپورٽ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت سومر ڏينهن اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي قتل کان پوءِ ٿيل احتجاج دوران توڙ ڦوڙ ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل 42 ماڻهن کي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي۔
ڪيس جي ٻڌڻي جج ابولحسنات ذوالقرنين ڪئي ۽ سڀني جوابدارن جي ڏهه ڏهه هزار رپيا في ماڻهو مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي۔
پوليس جوابدارن خلاف ٻه الڳ ڪيس داخل ڪيا هئا ــ هڪ سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ۽ ٻيو آبپاره ٿاڻي تي ــ جن ۾ دهشتگردي سميت ٻيا الزام شامل هئا۔
اهي احتجاج ان وقت شروع ٿيا جڏهن ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي دوران علي خامنائي مارجي ويا۔ ان کان پوءِ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ماڻهو رستن تي نڪري آيا ۽ ڪيترن هنڌن تي صورتحال تشدد ۾ تبديل ٿي وئي۔
ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيل جهڙپن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 مظاهرين مارجي ويا۔ انهن مان ڪراچي ۾ آمريڪي قونصليٽ ٻاهران، 11 اسڪردو ۾ ــ جتي هجوم گڏيل قومن جي آفيس کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوج مقرر ڪئي وئي ــ ۽ ٻه وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مارجي ويا هئا۔
ڪراچي ۾ مظاهرين قونصل خاني ٻاهران “آمريڪا مرده باد، اسرائيل مرده باد” جا نعرا هنيا۔ ان دوران فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا ۽ ڀرپاسي وارين گهٽين ۾ ڳوڙها گيس استعمال ڪئي وئي۔ مظاهرين مرڪزي دروازي ٻاهران هڪ گاڏي کي باهه پڻ ڏئي ڇڏي ۽ پوليس سان جهڙپون ٿيون، جڏهن ته شهر جي مختلف هنڌن تان وڌيڪ پوليس طلب ڪرڻ بعد پٿراءُ به تيز ٿي ويو۔
پوليس طرفان ڳوڙها گيس ۽ فائرنگ ذريعي جواب ڏنو ويو۔ پوليس سرجن سميعه طارق بيان ۾ چيو ته تشدد ۾ وڌيڪ 96 ماڻهو زخمي ٿيا۔
احتجاج لاهور ۽ پشاور سميت ٻين شهرن ۾ پڻ ٿيو۔ لاهور ۾ پوليس موجب سوين ماڻهو آمريڪي قونصل خاني ٻاهران گڏ ٿيا، جتي هجوم کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها گيس استعمال ڪرڻ بعد معمولي جهڙپون ٿيون۔
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هزارين مظاهرين ڪاريون جهنڊيون کڻي “آمريڪا مرده باد” ۽ اسرائيل مخالف نعرا هڻندي آبپاره چوڪ تي گڏ ٿيا ۽ سخت سيڪيورٽي باوجود آمريڪي سفارخاني ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ پوليس ريڊ زون کي بند ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر پڻ لڳايا هئا۔
مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو، پابندي واري علائقي ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڊپلوميٽڪ انڪليو جي دروازي تائين پهچي ويا۔ پوليس آنسو گيس ۽ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ بڪتربند گاڏين جي مدد سان مظاهرين کي واپس آبپاره چوڪ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو۔










