انڌي گهوڙي تي سوار وفاقي سرڪار

انڌي گهوڙي تي سوار وفاقي سرڪار

تحرير روشن عباسي

مفتي اعظم پاڪستان مفتي محمد منيب الرحمان جي دانشمندانه گفتگو مان فائدو وٺندي ملڪ جي استحڪام لاءِ ڪجهه سوچو وڃي ۽ فرانس جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي پاڪستان جو وقار بحال ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ تي بندش لڳائڻ کان اڳ ٻڌايو وڃي ته جن ڪراچي جي فيڪٽري بلديه ٽائون ۾ 260 جيئرن جاڳندن ماڻهن کي ساڙي قتل ڪيو، جن وٽان ٽارچر سيل ۽ ڊرل مشينون نڪتيون انهي ايم ڪيو ايم تنظيم تي پابندي ڇو نه لڳائي وئي هاڻي ٽي پي ايل تي پابندي لڳائي ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن عقل جي انڌن حڪمرانن کان ڪير پڇا ته ڪري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽئين نمبر تي ٽي پي ايل اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪيا ۽ انهن جا 3 چونڊيل اسيمبلي ميمبر به آهن انهن جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ معنيٰ ملڪ جي ووٽرن جي توهين آميز قدم آهي.جڏهن ته سيئنر جج صاحبان چون ٿا ته ٽي پي ايل تي پابندي نٿي لڳي سگهي جنهن لاءِ ملڪ جي ناليواري ڀلائي فلاحي تنظيم سيلاني ويلفئير ٽرسٽ جي مولانا بشير فاروقي، مفتي منيب الرحمان سميت ڪراچي جي جيد علماءِ ڪرام واضع ڪيو آهي ته حڪومت پاڪستان کي پنهنجي ڪيل فيصلي تي غور ڪري ٽي پي ايل تان پابنديءَ وارو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن جو مطالبو ڪو عجوبو يا حيرت ۾ وجهندڙ ناهي بلڪ جنهن ملڪ فرانس جي صدر ميڪرون سرڪاري سطح تي جيڪا گستاخي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ خاڪا ٺاهي ڪئي وئي آهي ۽ اهي خاڪا مسلمانن جي جذبات سان کيڏڻ لاءِ فرانس ملڪ ۾ ديوارن تي آويزان ڪيا ويا آهن،انهي تي پاڪستان کي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي جهڙي طرح ترڪيءَ جي صدر حافظ طيب اردگان رڪارڊ ڪرائيندي فرانس جي سفير ۽ انهن جي سموري مصنوعات جو تيستائين بائيڪاٽ ڪرڻ جو چيو آهي جسيتائين فرانس جو صدر ميڪرون مسلمانن جي دل آزاري تي معافي نٿو وٺي هن وقت پاڪستان ملڪ جي نوجوانن پڪن پڙهن مٿان رياستي تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ ثالثي ڪردار ادا ڪرڻ کپي جنهن سان ملڪ ۾ پيدا ٿيل بحران ۽ استحڪام واپس اچي سگهي ٿو. عوام جي پيدا ٿيل محبت مجاهد ملت حافظ علامه محمد سعد حسين رضويءَ لاءِ ڪير ڪيئن ڪڍي سگهي ٿو، لاٺي گولي ڪي سرڪار نهين چلي گي آخر ڪيستائين جاري رکي ويندي ؟ انهي لاءِ ڏاڍ، جبر، فرعونيت قائم ڪرڻ بجاءِ مشاورت ڪري افهام تفهيم سان مذاڪرات لاءِ ويهي مسئلي کي الجهائڻ بجاءِ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جڏهن هن ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏي انٽرنيشنل عالمي ليول تي ڄاتل سڃاتل تنظيم ڪراچي ۾ رت جون نديون واهيون انهن مٿان پابندي نٿي لڳائي وڃي، سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن توڙي سڙيل لاش موڪليندڙن تائين حڪومت نٿي پهچي سگهي ته پوءِ رڳو امن پسند مسجدين جي قاري، حافظ نماز روزي جي تلقين ڪندڙن مٿان هلان ڪري ڪهڙي بهادري پئي ڏيکاري وڃي. 126 ڏينهن ناچ گانا ۽ فحش گوئي جي بازار گرم ڪندڙ ۽ عريانيت برپا ڪندڙ پارليامينٽ هائوس مٿان سلوارون ٽنگيندڙن مٿان ڇاڪاڻ پابندي نه لڳائي وئي؟ پي ٽي وي ملڪي نشرياتي اداري مٿان حملو ڪندڙن سپريم ڪورٽ مٿان حملو ڪندڙن جي تنظيم تي به بندش لڳڻ گهرجي ها ته سمجهون ها ته واقعي هيءَ حڪومت حق سچ جا فيصلا ڪري رهي آهي جڏهن حمام ۾ سڀ ننگا آهن ته پوءِ رڳو ٽي پي ايل وارن احتجاج ڪيو ته انهن مٿان پابندي سمجهه کان بالاتر ۽ عجيب ڳالهه آهي، ملڪ ۾ واضع اڪثريت رکندڙ بريلوي مڪتبه فڪر وارا ماڻهو آهن انهن هميشه امن سلامتي جي ڳالهه ڪئي آهي هاڻي به ڪن ٿا ته سفير کي نيڪالي ڏيو ڳالهه ختم آهي. پر مين نه مانو واري ضد تي اڙيل وفاقي سرڪار پنهنجي هوڏ تي رهندي رهي ڪهي ساک وڃائي رهي آهي، مهانگائي جي شامت ۽ غلط زيرو پوائنٽ زيرو حڪومت ڪندڙ حڪمران ملڪ جي اڪثريت رکندڙ ماڻهن مٿان رياستي تشدد ۽ گولي جي ٻولي واري انداز ۾ پيش اچن ناقابل برداشت عمل آهي. حڪمران اهو عمل ڪن جيڪو خود به برداشت ڪري سگهن وڏن وڏن محل نما عاليشان بنگلن ۽ سرڪاري پروٽوڪول ۾ گهمندڙ حادثاتي حڪمران نشي مان نڪري موجودهه حالتن جي مدنظر فيصلا ڪري ملڪ جي عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏين باقي پرڏيهي ايڊ احساس ڪفالت پروگرام سان پنهنجو بهتر مستقبل جا خواب ڏسڻ بند ڪن ۽ اڪثريت عوام کي پرڏيهي امداد خيرات نه پر امن، سلامتي، مهانگائي جي راڪاس مان نجات ۽ روز روز جا ڪوڙا ٺلها اعلان نه پر عملي طرح ملڪي خدمت کپي، جنهن به هن ملڪ ۾ لاٺي گولي جي سرڪار هلائي آهي انهي جو زوال ٿيندو رهيو آهي، غير جمهوري قوتون ملڪ جي عوام کي پنهنجا بنيادي انساني حق ڏيڻ بجاءِ ڏاڍ، جبر، لاقانونيت جو سهارو وٺي، ملڪ ۾ انارڪي جو راڄ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن ملڪ ۾ بدقسمتي سان جنهن به ڪڙو سچ حق جي ڳالهه ڪئي آهي انهن کي سولي تي لٽڪايو ويو آهي، گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي، من گهڙت بي بنياد ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسايو ويو آهي، هن ملڪ ۾ مڪار، فريبي، دغاباز ڪوڙي سياست ڪندڙن ۽ خوشامدين کي اعزازن سان نوازيو ويو آهي، جيڪڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۾ خرابي هجي ها ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ پهريون دفعو اليڪشن ۾ بيهڻ سان ٽئين وڏي قوت ڪيئن بڻجي ها، ايتري وڏا تعداد ۾ ووٽ ملڻ يقينن ملڪ جي عوام جون انهي تحريڪ سان همدرديون ظاهر ڪن ٿيون ۽ پهرين دفعي ئي ٽي ميمبر اسيمبلي جا ٿيڻ ڪا مذاق ناهي پر اها عوام جي محبت ۽ تحريڪ جي قائدين جي نيڪ نيتي سچائي ظاهر ٿئي ٿي، مقصد ڳالهه جو اهو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جو ڪو جواز ڪونهي جيڪڏهن هن تنظيم تي پابندي لڳائي وئي آهي ته جن جن به اڳ ۾ احتجاج يوم سوگ جي نالي ۾ رت جون نديون واهيون آهن انهن تي به بندش لڳڻ گهرجي.  

پهنجو تبصرو موڪليو