ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته امن امان جي بحالي هر صورت ۾ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ناصر حسين شاهه خواجا اظهار جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پڇاڻو ڪيو ته خواجه اظهار کي سٺي آءِ جي مقرري تي ايترو ڏک ڇو پيو ٿي؟ هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امن امان جي بحالي لاءِ آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي هدايتون ڏنيون آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح امن امان کي هر صورت ۾ بحال ڪرڻ آهي، ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ اسٽريٽ ڪرائم خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته خواجا صاحب کي مطمئن ڪرڻ گهرجي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪندي. ناصر حسين شاهه اهو به چيو ته خواجا اظهار چوي ٿو ته ن ليگ کي بليڪ ميل ڪيو ويو ۽ آءِ جي مقرر ڪيو ويو.










