ٽربيونل جي قيام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل

ٽربيونل جي قيام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي قيام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونل جي قيام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران سڪندر مهمند چيو ته نياز الله نيازي جنهن جي وڪيل ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪئي هئي، عدالت ڌر بڻجڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.چيف جسٽس سلمان اڪرم راجا کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا مون تي اعتراض آهي؟ سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته مون ذاتي حيثيت ۾ اعتراض ناهي ڪيو.چيف جسٽس چيو ته عدالت کي تمام گهڻو اسڪينڊلائيز ڪيو ويو، گهڻو ٿي ويو، نياز الله نيازي جو ڪيس ڊسيپلينري ايڪشن لاءِ پاڪستان بار کي ڇو نه موڪليو وڃي؟ مان گذريل ٻڌڻي تي 2 رڪني بينچ جو سربراهه به هئس ته پوءِ اعتراض ڇو نه ڪيو؟ بينچ هاڻي هڪ ڪميٽي نه پر پوري ڪميٽي ٺاهي ٿي، جڏهن هڪ ماڻهو بينچ ٺاهي ته ڪڏهن به ڪو اعتراض نه ڪيو ويو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪميٽي اسان کي بينچ ۾ ويهاريو آهي، ڇا اسان هتي بي عزتي ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون؟ اسان 3 ميمبر بعد ۾ بينچ ۾ شامل ٿيا، بظاهر اعتراض مون تي آهي، جنهن تي نياز الله نيازي جواب ڏنو ته اسان کي توهان تي ڪو به اعتراض ناهي.نياز الله نيازي چيو ته پهرين ٻڌڻي ۾ اسان ڌر نه هئاسين، جيڪو شخص جيل ۾ آهي ان تي به اعتراض آهي.منهنجي ڪلائنٽ کي اعتراض آهي ان تي چيف جسٽس چيو ته جنهن شخص جو هو حوالو ڏئي رهيو آهي اهو جيل مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿيو ٿيو آهي، بينچ تي هن ڪو اعتراض ناهي ڪيو.چيف جسٽس چيو ته بينچ تي اعتراض اٿاري هيڊ لائنز ٺاهڻ چاهين ٿا، سپريم ڪورٽ کي اسڪينڊل ڪندڙ وڪيلن جا لائسنس معطل ڪنداسين،بعد ۾ عدالت بينچ تي نياز الله نيازي جا اعتراض رد ڪندي ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو،عدالت فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ٽربيونل جي قيام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو،عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حلف برداري کان فوري پوءِ اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبر چيف جسٽس سان بامقصد مشاورت ڪن.عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس التوا ۾ رکيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وچ ۾ ڪو رابطو ناهي، سپريم ڪورٽ معاملو چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي مشاورت تي ڇڏي ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو