اسلام آباد ۽ لاهور مان سعودي عرب ويندڙ عورتن ۽ مردن وٽان هيروئن هٿ

اسلام آباد ۽ لاهور مان سعودي عرب ويندڙ عورتن ۽ مردن وٽان هيروئن هٿ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي.اي ايس ايف اهلڪارن لاهور کان جده ويندڙ مسافرن وٽان 786 گرام کان وڌيڪ آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي، مسافر سيف الله ۽ بشيرا بي بي مهارت سان آئس هيروئن ٽرالي جي ٿيلهي ۾ لڪائي رکي هئي، پر اي ايس ايف اهلڪارن سامان جي تلاشي ورتي، جنهن دوران منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. شروعاتي جاچ کانپوءِ جوابدارن کي هٿ آيل منشيات سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف حوالي ڪيو ويو.اي اين ايف ترجمان موجب اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سعودي عرب ويندڙ جوڙي جي پيٽ مان وڏي انگ ۾ ڪيپسول هٿ ڪيا ويا.اختيارين موجب، جوابدار جي پيٽ مان هيروئن جا 135 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته عورت جي پيٽ مان هيروئن جا 10 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا.ٻئي طرف حيدرآباد ۾ ٽنڊوالهيار جي ٻن جوابدارن وٽان 10 ڪلو چرس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته اي اين ايف ۽ ايف سي جي گڏيل ڪارروائي دوران اورڪزئي مان 16 ڪلو 800 گرام چرس هٿ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو