اسرائيل جون ايران خلاف جنگي تياريون امن جو سوال

اسرائيل جون ايران خلاف جنگي تياريون امن جو سوال

ليکڪ، طفيل مگسي

اڳوڻو صدر ٽرمپ هجي يا نئون چونڊيل صدر جو بائيڊن ڇو نه هجي پر آمريڪا سامراج پنهنجي ڏاڍ جبر ۽ ڏھڪاء وارين پاليسين کان ڪڏھن به پوئتي نه هٽيو آھي ۽ نه ئي هٽندو. ڇاڪاڻ ته امريڪا جي هٿ ۾َ ڪجھ به ناهي .جيئن سندس دادلو پٽ اسرائيل چوي اڄ تائين امريڪا جيڪي به ويجهڙائي ۾ جنگيون ڪيون آھن يا پابنديون مڙھيون آھن سي پنهنجي دادلي اسرائيل جي چوڻ تي ڪيون آھن.ٽرمپ جي دور حڪومت ۾ به جيئن ئي اسرائيل ٿي چاهيو تيئن ئي ٽرمپ پيئي ڪيو.نئون چونڊجي آيل جو بائيڊن به اسرائيل جي اشاري تي ئي هلندو.ڪنهن کي اها غلط فهمي نه رهي ته جوبائيڊن جي اچڻ سان امريڪا سوشلسٽ ڪيمپ ۾ داخل ٿي ويندو.جنهن جو تازو مثال اسرائيلي فوج جي سربراھ جو اهو بيان ته يهودي ملڪن ايران جي خلاف پنهنجي ڪاروائي جي لاء فوج کي مڪمل حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن. ۽ گڏ ئي هن اها به تنبيه ڪئي ته تهران سان 2015ع جي جوهري معاهدي ۾ امريڪا جي واپسي“سنگين“غلطي هئي. اسرائيلي فوج جي سربراھ جو جوبائيڊن کي به اهو اشارو آھي ته هو ڪنهن به قسم  جي خاص ڪري ايران سان سفارتي رابطن ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺي.امريڪا جي متعلق اسرائيلي فوجي سربراھ جا اهڙا بيان ڪڏھن ٻڌڻ ۾ نه آيا آھن.اسرائيلي فوج جي سربراھ تل ابيب يونيورسٽي جي انسيٽيوٽ آف نيشنل سيڪيورٽي اسٽڊيز کي خطاب ڪندي چيو ته 2015ع جي جوهري معاهدي ۾ واپسي يا ايستائين جو ڪجھ ترميم سان گڏ اهڙو ڪو ٻيو معاهدو آپريشنل ۽ اسٽرٽيٽجڪ نقط نظر کان غلط ۽ خراب هوندو“اڳوڻي امريڪي صدر ٽرمپ ايران سان گڏ 2015 ع جي جوهري معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو هو.۽ تهران تي ڪجھ پابنديون لڳائي ڇڏيون هيون.اسرائيل 2018ع ۾ ٽرمپ انتظاميا جي معاهدي کان دستبرداري جي فيصلي جي آجيان ڪئي هئي. جڏھن نئين چونڊيل امريڪي صدر جو بائيڊن ايران سان گڏ جوهري معاهدي کي بحال ڪرڻ جو اشارو ڏنو ته اسرائيل ان جي شديد مخالفت ڪندي چيو ته ان معاهدي ۾ ايران کي جوهري هٿيار تيار ڪرڻ کان روڪڻ لاء حفاظتي قدم شامل ناهن.امريڪا جي نئين پرڏيهي وزير انٽوني بنڪن گذريل ڏينهن چيو هو ته امريڪا کي اڃا ان قسم جي فيصلي ڪرڻ ۾ دير لڳي سگهي ٿي.هو معاهدي ۾ شامل عئي ٿو يا نه ۽ ان کان پهرين ڏسڻ جي ضرورت پوندي ته ايران معاهدي جي حقيقت ۾ ڪيتري پاسداري ڪري رهيو آھي.تهران تي بار بار اهي الزام مڙھيا ويندا رهيا آھن ته هن يوريني۾ رچاء جو وڏو ذخيرو ڪري رکيو آھي.يورينيم کي وڌيڪ بهتر ۽ معياري طور تي وڌائي رهيو آھي.۽ سينٽري فيوجز لڳائي رهيو آھي. اسرائيلي فوج جي سربراھ جو اهو به چوڻ آھي ته “اهو درست آھي ته ان منصوبي تي عمل جو فيصلو سياسي قيادت ڪندي پر اسان کي اهڙا منصوبا تيار رکڻ جي ضرورت آھي.اسان انهن منصوبن کي تيار ڪري رهيا آھيون ۽ اچڻ وارن سالن ۾ اهي تيار ٿي ويندا“ جڏھن ته ايران پنهنجي فوجي مشق ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آھي.جنهن جو نار جي ملڪ عمان ۾ هلندڙ مهيني بحري مشق ٿيندي.جنهن ۾ ڪروز ميزائيل فائر ڪرڻ پڻ شامل آھن. جيڪڏھن اسرائيل واقعي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ۽ ھن ايران تي حملو ڪيو ته نه صرف اوڀر جي خطي ۾َحالتون بگڙجي وينديون بلڪ ٻين هنڌين به انهن جا اثر پوڻ اڻٽر ٿي سگهن ٿا.ان ڪري عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ھن خطي کي جنگ جي تباهي کان بچائي.ٻي صورت ۾ لکين جانيون اجل جون شڪار ٿي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو