لاهور(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري پي پي 63 گوجرانوالا مان اسامه طارق کوکر پ پ ۾ شامل ٿي ويو.صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ اسامه طارق کوکر جو استقبال ڪيو.صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پيپلز پارٽي پنجاب جو اڳوڻو صدر چوڌري امتياز صفدر وڙائچ، پيپلز پارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري چوڌري ارشاد الله سنڌو گوجرانوالا ۾ موجود هيو،صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز لائرز فورم گوجرانوالا جو صدر ناصر عباد ملڪ ايڊووڪيٽ، جنرل سيڪريٽري پيپلز لائرز فورم گوجرانوالا احد محمود رامي ايڊووڪيٽ ۽ پ پ راولپنڊي ڊويزن جو نائب صدر نعيم ڪياني پڻ موجود هئا.صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز پارٽي سيالڪوٽ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري شهباز خان ۽ سندس پٽ چيمبر آف ڪامرس سيالڪوٽ گل شير خان ملاقات ڪئي.










