پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀئي داخلا ۽ نڪرڻ وارا رستا بند ڪيا ويا آهن.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، قلم 144 اتر وزيرستان ۾ صبح 5 وڳي کان شام 7 وڳي تائين لاڳو رهندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي حرڪت ۽ رسد لاءِ قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي.










