صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو دور ڪنهن کان لڪيل نه آهي، سندس دور کوڙ سارا ترقياتي ڪم ٿيا، ان دور ۾ دهشتگردي توڙي مهانگائي تي ضابطو به آيو، نه اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ دهشتگردي سان گڏ مهانگائي عروج تي هئي ۽ ان دور ۾ ئي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي پر ان دور ۾ به مهانگائي تي ضابطو نه آيو نه ئي دهشتگردي ۾ گهٽتائي آئي پر نواز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ اندر مهانگائي توڙي بدامني تي تمام گهڻو فائدو آيو هو پر سندس اقتدار گهڻو هلي نه سگهيو، کيس عدالتن جا چڪر ڪاٽڻا پيا ۽ کيس نااهلي کي منهن ڏيڻو پيو.
نوازشريف جي نااهلي بعد تحريڪ انصاف تبديلي جو نعرو هڻي اقتدار سنڀاليو، پر پي ٽي آءِ چيئرمين ايندي ئي چيو ته هو بصر، ٽماٽا يا اٽو سستو نه ڪرڻ آيو آهي بلڪه هو ملڪ کي بچائڻ لاءِ آيو آهي، تحريڪ انصاف جي دور م سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي، نوازشريف جي دور ۾ 60 کان 70 روپيا في ليٽر پيٽرول ملندو هو پر تحريڪ انصاف جي اچڻ کانپوءِ پيٽرو 150 تائين پڄي ويو، جنهن سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيو، ملڪ ۾ فيڪٽريون بند ٿي ويون ۽ ماڻهو بيروزگار ٿيڻ لڳا، ان وقت مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ ف جهڙيون پارٽيون ميدان تي آيون، جن عوام کي يقين ڏياريو ته عمران خان ئي سمورن مسئلن جي پاڙ آهي، جيستائين ان شخص جي حڪومت نه ويندي، تيستائين ملڪ خوشحال نه ٿيندو، عوام انهن تي اعتماد ڪيو ۽ ايندڙ اليڪشن جو انتظار ڪرڻ لڳو، ان وقت سمورن پارٽين هڪ اتحاد ٺاهيو، جنهن جو سربراهه جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڪيو ويو.
پي ڊي ايم جي تحريڪ به تمام گهڻي هلي، عوام به سندن تمام گهڻو ساٿ ڏنو ۽ سوچيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ايندي ته ملڪ مان مهانگائي ختم ٿيندي، ڊالر به سستو ٿيندو ۽ رپئي جي قدر ۾ واڌارو ايندو پر بدقسمتي سان ايئن نه ٿيو، بهرحال پي ڊي ايم طئي ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٿيندو ۽ ٻيون وزارتون مختلف پارٽين کي ملنديون، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزارت ملي، ائين جي يو آءِ ف کي به وزارتون مليون، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ اتحادين به پنهنجون من پسند وزارتون کنيون. پر ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته جيڪي سياستادن عوام کي مهانگائي گهٽائڻ جا واعدا ڪري اقتدار ۾ ايندا اهي ٻيڻ يا ٽيڻ تي مهانگائي ڪندا.
ڪسائي به جانور کي ڪهڻ وقت ڪلمو پڙهندو آهي ۽ ان کي به دل ۾ قياس ايندو آهي پر افسوس جو ملڪ جي وڏين پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم کي ملڪ جي غريب عوام جو ڪو به احساس نه آيو، شهباز شريف وزيراعظم ٿيندي ئي پيٽرول جا اگهه ائين چاڙهيا ڄڻ عوام نوازشريف کي نااهل ڪيو هجي يا وري نيب جيڪي ڪارروايون ڪيون، اهي عوام جي چوڻ تي ڪيون ويون هيون. عمران خان گهٽ عوا م تي وڌيڪ ڪاوڙ ڏيکاري وئي،ٽئڪس مٿان ٽئڪس لڳايا ويا، غريب ماڻهن کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦسايو ويو، غريب عوام جا مڪمل ڪيهاٽ نڪري ويا، پيٽرول جا اگهه ٽن سالن دوران تحريڪ انصاف ايترا نه وڌايا هوندا، جيتر اپيٽرول جا اگهه اتحادي حڪومت هڪ سال اندر وڌايا.
ايڏي مهانگائي ڪرڻ باوجود عوام ٻاهر نه نڪتو، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو هو ته ملڪ جو عوام ورهايل هو، ملڪ جون ٽي وڏيون پارٽيون اقتدار ۾ ويٺل هيون، جنهن سبب عوام جي قيادت ڪرڻ وارو ڪو نه هو ۽ عوام کي به خبر هئي ته تحريڪ انصاف خلاف انهيءَ سياستدانن سان گڏ روڊن تي آيا هئا، جڏهن اهي ئي ماڻهو اقتدار ۾ آيا ته انهن عوام تي ڪو به رحم نه ڪيو ۽ مڏي ڇري سان ڪهڻ لڳا، اڄ غريب عوام آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف جي دور ۾ عوام کي ٻن ويلن جي ماني نصيب ٿيندي هئي پر پي ڊي ايم جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام بکون ڪاٽڻ لڳو، آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو، پر حڪمرانن کي ٿورو به رحم نه آيو.
وزيراعظم شهبازشريف روز ميڊيا تي اچي چوندو هو ته ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پيا، آخر انهن کان ڪير پڇي ؟ ته ملڪ جو اهو حال ڪنهن ڪيو آهي؟ تحريڪ انصاف جي دور ۾ ته پرڏيهي ملڪن کان رڪارڊ امداد ورتي وئي، جنهن جو ڪو حساب ئي نه آهي، اها امداد آخر ڪيڏانهن وئي، ڪنهن جي کاتي ۾ وئي، مٿان وري هر ڀيري آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ويندو آهي، اهي آخر ڪٿي خرچ ٿين ٿا؟ غريب عوام جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيو آهن ته پوءِ ڪيئن چيو وڃي ٿو ته ملڪ خوشحالي جي دڳ تي هلڻ لڳو آهي، آخر حڪمرانن کي عوام تي رحم ڇو نه پيو اچي.
پي ڊي ايم سرڪار کي آخر عوام دشمنن فيصلن جي ضرورت ڇو پئي؟ ان جو جواب مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز کي ضرور ڏيڻو پوندو، عوام انهن تي تمام گهڻو ڀروسو ڪيو هو پر انهن اقتدار ۾ ايندي ئي عوام تي جيڪي ٽئڪس لڳايا ۽ رڪارڊ مهانگائي ڪئي، جنهن جو مثال ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، آخر پي ڊي ايم سرڪار هڪ سال جي مختصر عرصي عوام تي ايڏو وڏو ظلم ڪيو جو عوام کان کلڻ وسري ويو، ڇا اٽو، گيهه ۽ ٻيون عام واهپي جي شين جي مهانگي ٿيڻ سان غريب عوام تي اثر نه پوندو؟ آخر حڪمران غريب عوام بابت ڇو نه ٿا سوچين؟ پنهنجا شاهي خرچ ڇو نه ٿا گهٽايا وڃن، رڳو عوام تي ئي ٽئڪس لاڳو ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ڊي ايم سرڪار ويندي ويندي عوام تي اهڙو ظلم ڪيو آهي، جنهن کي برداشت ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي، جيڪڏهن ملڪ جي وڏين پارٽين مان ڪا به هڪ پارٽي اقتدار کان ٻاهر هجي ها ته اڄ ضرور عوام سان گڏ هجي ها، پي ڊي ايم سرڪار جي اچڻ کانپوءِ اسان سوچيو هيوسين ته ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آندو ۽ ملڪ خوشحال ٿيندو پر افسوس جو انهن ايندي ئي عوام سان جيڪو ظلم ڪيو ، جنهن جو ڪيتو ڪيترن ئي سالن تائين عوام ڀوڳيندو رهندو. شايد هن حڪومت جا زخم ڪڏهن ڀرجي سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ سميت ٻيا سخت فيصلا ڪرڻ سندن مجبور هئي، ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف جي انهن سخت فيصلن ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو هجي يا نه؟ اها خبر نه آهي پر انهن فيصلن عوام جو ڏيوالو ضرور ڪڍي ڇڏيو آهي. هاڻ عوام تي آهي ته اهي پي ڊي ايم سرڪار جي هڪ سال دوران ڪيل مهانگائي کي ڏسندي سمورن پارٽين کي اقتدار ۾ ٻيهر ڪئين ووٽ ڏئي آڻين ٿا.










