واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ سيلي طوفان ۽ بارشن سبب موصلاتي نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي ساڍا پنج لک کان مٿي ماڻهو بجلي کان محروم ٿي چڪا آهن. فلوريڊا ۽ الاباما رياستن ۾ ڪٿي ڪٿي 5 فٽ پاڻي بيهي رهيو آهي، گهر، آفيسون ٻڏي ويون آهن. اربع تي 169 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوا ۽ بارش شروع ٿي جنهن ۾ خميس تي گهٽتائي آئي آهي ۽ هوا جي رفتار 35 ميل في ڪلاڪ ٿي وئي آهي. ايٽلانٽڪ سمنڊ مان ايترا ته طوفان آيا آهن جو انتظاميه انهن جا نالا رکندي رکندي الفابيٽ ختم ٿيڻ تي آهن.










