نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هرمز جي آبنائي جي بندش سان روسي تيل جي طلب وڌي وئي آهي.آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي ڪري هرمز جي آبنائي جي بندش سان روسي تيل جي طلب وڌي وئي آهي، ۽ روس هر روز دنيا کي 150 ملين ڊالر جو تيل وڪرو ڪري رهيو آهي.آمريڪا جنگ جي صورتحال ۽ هرمز جي آبنائي جي بندش جي ڪري تيل جي قيمتن تي دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ روسي تيل جي وڪري تي پابندي عارضي طور تي هٽائي ڇڏي آهي.آمريڪي رسالي فنانشل ٽائمز لکيو آهي ته روس تازن ڏينهن ۾ چين ۽ هندستان کي وڪرو ڪيل تيل تي 2 ارب ڊالر ٽيڪس ڪمايا آهن.










