ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ بابت بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ رت جو هڪ ڦڙو به وهيو ته ان جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري هوندو.مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي ته ڪوٽا سسٽم رڳو سنڌ ۾ موجود آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جا شهري چاهين ته شهر ۾ نئون انتظامي يونٽ قائم ٿئي، جڏهن ته ريفرنڊم جي ڳالهه تي ڪنهن کي به خوفزده ٿيڻ نه گهرجي.










