بهاولنگر: تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان فوت

بهاولنگر: تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان فوت

بهاولنگر: (ويب ڊيسڪ) بهاولنگر جي قاضي والا روڊ واري علائقي ۾ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. فوتي نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا.پوليس اختيارين موجب فوت ٿيندڙن ۾ رحمان ۽ سلمان علي شامل آهن، جن جي عمر 17 کان 18 سالن جي وچ ۾ هئي. حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو