مشھور اداڪار مشتاق مغل جي 30ھين ورسي

مشھور اداڪار مشتاق مغل جي 30ھين ورسي

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي نامياري اداڪار مشتاق مغل جي اڄ 23 آگسٽ تي 30ھين ورسي آهي. مشتاق مغل پھرين سنڌي فلم “ايڪتا” ۾ ڪم ڪرڻ وارن اداڪارن ۾ پڻ شامل هو، جيڪا 1934ع ۾ ٺھي ۽ 1942ع ۾ رليز ٿي. مشتاق مغل جي ٻين فلمن ۾ سنڌڙيءَ تان صدقي، بادل، سوڍا پٽ سنڌ جا، رنگ محل ۽ ٻيون ڪجھہ فلمون آهن. مشتاق مغل عالمي ثقافتي ڊرامن ۾ ايوارڊ ماڻيندڙ “دنگي منجھ درياھ” ڊرامي ۾ دينوءَ جو يادگار ڪردار ادا ڪيو ھو، جيڪو سنڌ جي ملاحن جي رھڻي ڪھڻي تي ٻڌل ڊرامو هو. ھن ڊرامي کي جرمنيءَ ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ڊراما فيسٽيول ۾ 1973ع ۾ ٽيون نمبر انعام مليو هو، جيڪو سنڌ جي نامياري اديب علي بابا جو لکيل ھو. مشتاق مغل اردو جي مشھور سيريل “ديوارين” ۾ ننگر خان ڌاڙيل جو سگھارو ڪردار ادا ڪيو ھو، جيڪو ڏسندڙن کي ھميشه ياد رھندو. ھي ڊرامو ملڪ جي نامياري ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل ھو. ان کان علاوه مشتاق مغل معروف ڊراما نويس نور الھديٰ شاهه جي عالمي سطح تي شھرت ماڻيندڙ پي ٽي وي جي سيريل “جنگل” ۾ مرڪزي ڪردار نڀايو ھو جيڪو نامياري اداڪار عثمان پيرزادي جي پيء جو ھو. مشتاق مغل ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اھم اداڪار ھو جيڪو ھفتيوار نشر ٿيندڙ ڊرامي ۾ اڪثر ھوندو ھو. ھُن ھر نوعيت جا ڪردار ڪيا، اھڙي طرح ريڊيو حيدرآباد تان ھُن جي ڊرامن جو تعداد 2000 کان وڌيڪَ بڻجي ٿو. مشتاق مغل کي ريڊيو پاڪستان جي پيڙھ جو پٿر رکڻ وارن آرٽسٽن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، سندس ھمعصرن ۾ مصطفيٰ قريشي، ساقي، سيد صالح محمد شاهه، قربان جيلاني، ايم بي انصاري، عبدالحق ابڙو، عبدالڪريم بلوچ، زرينه بلوچ، روبينه قريشي، مھتاب راشدي (تڏھن مھتاب چنا), روشن عطا ۽ منظور نقوي شامل ھئا. مشتاق مغل پروفيشنل آرٽسٽ ھو جنھن جو معاشي ذريعو اداڪاري ھئي، سندس گرجدار آواز مقبوليت جو سبب رھيو. ھن کي پي ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو ۽ ڏيڍ سؤ کان وڌيڪَ سنڌي اردو ڊراما ڪيائين. ھن جي ولادت حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ 1927ع ۾ ٿي. پاڻ تعليم پرائڻ واري شاگرديءَ جي زماني کان وٺي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندو ھو، جنھن ڪري اڳتي ھلي انھيءَ شعبي ۾ نالو ڪڍيائين ۽ 1958ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو آغاز ڪيائين. سندس پھريون ڊرامو “سسئي پنهون” ھو. مشتاق مغل 69 ورھين جي ڄمار ۾ 23 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو