ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ناميارِي اداڪاره ۽ گلوڪاره سلمىٰ آغا پاڪستان بدران هندستان ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته هن ڪڏهن به پاڪستاني شهريت حاصل نه ڪئي هئي.سلمىٰ آغا هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرکت ڪئي، جتي ميزبان کانئس سوال ڪيو ته توهان پاڪستان بدران هندستان جو انتخاب ڇو ڪيو؟ جواب ۾ سلمىٰ آغا چيو ته: “اهو ئي سٺو سوال آهي،ڇو ته مان ڪڏهن به پاڪستاني شهري نه رهي آهيان. منهنجو خاندان برطانيا منتقل ٿي ويو هو ۽ سڀني وٽ برطانوي پاسپورٽ آهن، جڏهن ته منهنجي امڙ ۽ ناني ٻنهي جو تعلق امرتسر (هندستان) سان هو.”اداڪاره ٻڌايو ته هن پاڪستان ۾ صرف ڪم ڪيو آهي ۽ اتي گذاريل وقت سندس زندگيءَ جو يادگار حصو آهي. هن چيو ته: “پاڪستان ۾ منهنجا ڪيترائي دوست هئا ۽ مون کي اتان جي ٽيڪنيشنز، فنڪارن ۽ ڊرامن سان به بيحد محبت آهي. سلمىٰ آغا وڌيڪ ٻڌايو ته هندستان ۾ به پاڪستاني ڊراما پسند ڪيا ويندا آهن ۽ سندس نظر ۾ فن جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن واضح ڪيو ته وٽس هندستاني شهريت به ناهي، بلڪه وٽس اوورسيز انڊين ڪارڊ (OCI) ۽ برطانوي پاسپورٽ آهي، جنهن ذريعي کيس هندستان ۾ رهڻ جي اجازت حاصل آهي.ياد رهي ته سلمىٰ آغا 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ پاڪستاني فلمي صنعت ۾ بطور اداڪاره ۽ گلوڪاره نمايان مقام حاصل ڪيو، سندس بطور مرڪزي اداڪاره پهرين فلم ‘نڪاح’ هئي. سلمىٰ آغا جي ڌيءُ زارا خان به هندستاني فلمي صنعت سان وابسته آهي ۽ سلمىٰ آغا هن وقت هندستان ۽ دبيءَ ۾ رهائش پذير آهي.










