لاهور)ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 9 مئي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ (پي سي ايل) مان ڪڍڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس منور اقبال ڊوگر درخواست تي 6 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو ته اينٽي ٽيررزم ايڪٽ تحت چالان ٿيل جوابدار جو پاسپورٽ قانون موجب ضبط ٿيل تصور ٿيندو آهي، جڏهن ته پاسپورٽ جي ضبطگي ختم ڪرڻ ۽ جوابدار کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو اختيار لاڳاپيل دهشتگردي ٽوڙ عدالت وٽ آهي.عدالت قرار ڏنو ته رڳو ضمانت منظور ٿيڻ سان جوابدار کي پاسپورٽ استعمال ڪرڻ يا پرڏيهه وڃڻ جي پاڻمرادو اجازت نٿي ملي. پرڏيهه وڃڻ لاءِ جوابدار کي لاڳاپيل دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رجوع ڪرڻو پوندو.فيصلي موجب پاسپورٽ ڪنٽرول يا اسٽاپ لسٽ مان ڪنهن شخص جو نالو ڪڍڻ سان قانوني طور ضبط ٿيل پاسپورٽ جي حيثيت پاڻمرادو ختم نٿي ٿئي. اينٽي ٽيررزم ايڪٽ تحت پاسپورٽ ضبط ڪرڻ ۽ ان جي مدي جو تعين ڪرڻ جو اختيار لاڳاپيل عدالت وٽ آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي آئيني اختيارن تحت سڌي ريت ٽرائل ڪورٽ جا اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته ڪنهن انتظامي حڪم يا اسٽينڊنگ آرڊر ذريعي پارليامينٽ جي ٺاهيل قانون کي غير مؤثر نٿو بڻائي سگهجي.عدالت ڊويزن بينچ جي ڪيس ”فيڊريشن بنام شيخ رشيد احمد“ جي فيصلي کي به نظير طور برقرار رکيو، جڏهن ته ايف آءِ اي ۽ اميگريشن اختيارين پاران 6 ۽ 19 مئي تي کنيل قدمن کي قانون موجب قرار ڏنو ويو.درخواستگذار خلاف ٿاڻي سرور روڊ ۾ 9 مئي جي واقعن جو ڪيس نمبر 96/23 داخل ٿيل آهي.سماعت دوران پنجاب حڪومت طرفان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل محمد عثمان خان پيش ٿيو ۽ درخواستگذار جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته پاسپورٽ جي ضبطگي ختم ڪرڻ ۽ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو اختيار لاڳاپيل دهشتگردي ٽوڙ عدالت وٽ آهي.فريقين جا دليل ٻڌڻ ۽ قانوني نقطن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست خارج ڪري ڇڏي.










