پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 3.81 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 341.59 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.59 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 368.29 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 24 آگسٽ تائين لاڳو رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو