ايل پي جي جا 2 جهاز پاڪستان پهچي ويا، اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

ايل پي جي جا 2 جهاز پاڪستان پهچي ويا، اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عمان مان مائع پيٽروليم گئس (ايل پي جي) کڻي ايندڙ 2 سامونڊي جهاز پاڪستان پهچي ويا، جنهن کانپوءِ ايل پي جي جي اگهن ۾ لاٿ جا امڪان وڌي ويا آهن. ذريعن موجب پاڪستان پهتل ٻنهي جهازن ۾ مجموعي طور 7 هزار 603 ميٽرڪ ٽن ايل پي جي پورٽ قاسم آندي وئي. ايس ايس جي سي جي ٽرمينل تي ’پريانياس‘ نالي جهاز 4 هزار 250 ميٽرڪ ٽن، جڏهن ته اينگرو ٽرمينل تي ’اليزا ون‘ نالي جهاز 3 هزار 83 ميٽرڪ ٽن ايل پي جي لاٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان ايران جي سرحدي رستي ذريعي به ايل پي جي جي رڪيل فراهمي ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب ايل پي جي جي فراهمي بهتر ٿيڻ سان سڀاڻي کان اگهن ۾ لاٿ اچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو