هفتي جي پهرين ڏينهن تي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ

هفتي جي پهرين ڏينهن تي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن هن هفتي جي پهرين ڏينهن تي پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ڪئي آهي.اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيو 3 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.واڌ کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 342 رپيا 79 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 370 رپيا 41 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو