پشاور (انٽرنيشنل ڊيسڪ): خيبر پختونخوا ۾ سول جج ڪم جوڊيشل مئجسٽريٽ جي 105 خالي جاين لاءِ ٿيل لکت واري امتحان جو نتيجو سامهون اچي ويو، جنهن ۾ 1024 اميدوارن مان رڳو 3 اميدوار ڪامياب ٿي سگهيا، جڏھن تہ ڪاميابي جي شرح صرف 0.29 سيڪڙو رھي.خيبر پختونخوا پبلڪ سروس ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب لکت واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ ٽن اميدوارن جا هاڻي انٽرويو ٿيندا، جنهن کانپوءِ حتمي طور تي ڪامياب اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو. امتحان ۾ پهرين پوزيشن ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ صبا رسول حاصل ڪئي، ٻي پوزيشن باجوڙ جي عبدالله نور ۽ ٽين پوزيشن مردان جي سيد زاهد حسين حاصل ڪئي. نتيجن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ سڀ کان وڌيڪ اميدوار انگريزي جنرل ۽ انگريزي مضمون نويسي واري پرچي ۾ ناڪام ٿيا. 1024 اميدوارن مان صرف 149 ڪامياب ٿيا، جڏھن تہ 875 اميدوار ناڪام رھيا.










