ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير پنهنجي ماٽيلي ماءُ ۽ ساڻس تعلق بابت کلي ڳالهائيندي چيو آهي ته ضروري ناهي ته سڀ ماٽيلي مائون خراب هجن، منهنجي ماٽيلي ماءُ تمام سٺي آهي.هڪ ٽي وي پروگرام دوران سوٽي ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ بابت ڳالهائيندي نازش جهانگير ٻڌايو ته حقيقي زندگيءَ ۾ به منهنجي هڪ ماٽيلي ماءُ آهي.اداڪارا چيو ته معاشري ۾ ماٽيلي ماءُ بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ تصور موجود آهن، پر ضروري ناهي ته هر ماٽيلي ماءُ خراب هجي.هن ٻڌايو ته سندس والده جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس والد ٻي شادي ڪئي، جنهن بعد سندس ماٽيلي ماءُ سڄي خاندان جو تمام سٺي نموني خيال رکي ٿي ۽ والد جي به سار سنڀال ڪري ٿي، تنهن ڪري هوءَ اهو نٿي چئي سگهي ته ماٽيلي مائون خراب هونديون آهن.نازش جهانگير جو چوڻ هو ته شروعات ۾ کيس هن رشتي کي قبول ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو، پر سندس ماٽيلي ماءُ پنهنجي رويي ذريعي کيس يقين ڏياريو ۽ آهستي آهستي سندس دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي.اداڪارا ٻڌايو ته هڪ ڊرامي ۾ ماٽيلي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي کيس پنهنجي حقيقي زندگيءَ سان به هڪجهڙائي محسوس ٿي. هوءَ پنهنجي ماٽيلي ماءُ کي فون ڪري چوندي هئي ته هاڻي مون کي احساس ٿئي ٿو ته توهان ڪهڙين حالتن مان گذريا هوندا.










