ماهره خان ٻيو ڀيرو ماءُ بڻجڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ماهره خان ٻيو ڀيرو ماءُ بڻجڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪاره ماهره خان جي ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ شرڪت نه رڳو عالمي سطح تي پاڪستاني ۽ ڏکڻ ايشيائي سينيما کي نمايان ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ هن جي ذاتي زندگي بابت هڪ اهم اعلان ڏانهن به ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو.ڪينيڊا ۾ جاري ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول دوران، اداڪاره سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پنهنجي حمل جي خوشخبري شيئر ڪئي.ماهره خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ خوبصورت تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن جو حمل (بيبي بمپ) نمايان هو. تصوير سان گڏ هن لکيو، ”اسان منصوبا ٺاهيون ٿا، پر الله بهترين منصوبه ساز آهي.“هي ماهره خان ۽ سليم ڪريم جو پهريون ٻار هوندو، جن سان هن آڪٽوبر 2023 ۾ شادي ڪئي هئي. ماهره خان کي پنهنجي پهرين شادي مان هڪ پٽ، ازلان، پڻ آهي.اداڪاره ٻڌايو ته هوءَ عام طور تي پنهنجي ذاتي زندگي کي راز ۾ رکندي آهي، ان ڪري ذاتي نوعيت جي ڪا ڳالهه ظاهر ڪرڻ هن لاءِ ڪجهه مشڪل يا خوف وارو مرحلو هو. هن کي پنهنجي لباس بابت به فڪر هو، ڇاڪاڻ ته حمل جي حالت ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي هلڻ جو تجربو هن لاءِ نئون هو.پنهنجي موجوده حمل کي پهرين حمل کان مختلف قرار ڏيندي ماهره خان چيو ته جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو ماءُ بڻي هئي ته ان وقت سندس عمر 24 سال هئي؛ هاڻي، 41 سالن جي عمر ۾، هوءَ جذباتي ۽ جسماني طور تي هڪ مختلف عورت آهي.هن وضاحت ڪئي ته 24 سالن جي عمر ۾ حمل دوران هن جو رويو ڪجهه بي فڪر هو؛ هوءَ سٺي صحت مان لطف اندوز ٿيندي هئي ۽ شايد ان ۾ شامل مختلف امڪانن يا خطرن بابت گهڻو نه سوچيندي هئي.اداڪاره جي حمل بابت افواهون 2024 جي شروعات ۾ سامهون آيون هيون، جن جي هن ان وقت ترديد ڪئي هئي؛ تنهن هوندي به، هاڻي هن پاڻ باضابطه طور تي ان خبر جي تصديق ڪئي آهي. ماهره خان هن سال جي ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، جتي کيس سينيما لاءِ سندس خدمتن جي مڃتا طور هڪ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويندو.اداڪاره چيو ته ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول هميشه هڪ اهڙو ايونٽ رهيو آهي جنهن جو هوءَ فلمون ڏسڻ لاءِ بي صبري سان انتظار ڪندي هئي، تنهنڪري دعوت ملڻ يقينن خوشي جي ڳالهه آهي؛ پر پنهنجي ڪيريئر جي هن مرحلي تي، کيس ان ڳالهه تي وڌيڪ خوشي آهي ته کيس پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هڪ نمايان ڏکڻ ايشيائي آواز طور ڳالهائڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.ماهره خان موجب، پاڪستان جون پنهنجون منفرد ڪهاڻيون، سڃاڻپ ۽ سينيما آهن، ۽ ٽورنٽو جهڙي پليٽ فارم تي ان گفتگو ۾ حصو وٺڻ هن لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. ماهره خان ٻڌايو ته کيس فلم ”يور مدر يور مدر يور مدر“ (Your Mother Your Mother Your Mother) جو ٽريلر ڏسندي ئي اها پسند اچي وئي هئي؛ بعد ۾ اها ڄاڻ ته ان جو هدايتڪار، بسام طارق، پاڪستاني نژاد فلم ساز آهي، سندس دلچسپي کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو