لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره ۽ اسٽيج پرفارمر خوشبوءِ خان، اداڪار ارباز خان سان محبت ۽ شاديءَ بابت مهم انڪشاف ڪيا آهن.خوشبوءِ خان پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ارباز خان سڀ کان پهرين مون سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ مريءَ جي پي سي ڀوربن وٺي وڃي شاديءَ جي آڇ ڪئي. اداڪاره موجب مان ارباز خان جي گھر وارن کي شاديءَ لاءِ راضي ڪرڻ تي زور ڏنو، سندس گھر وارا اسان جي محبت کان واقف هئا ۽ سندس ڀينرون ۽ ڀاڄايون به مون سان ملنديون هيون.اداڪاره جو چوڻ هو ته ارباز عيد ملهائڻ پنهنجي گھر ويو پر واپس نه آيو ۽ چيو ته هاڻي منهنجو دل خالي آهي، منهنجي دل ۾ ڪو نٿو رهي. اداڪاره چيو ته مان اڄ به ارباز خان جي عزت ڪريان ٿي ۽ سڄي ئي عمر سندس احترام ڪندي رهنديس. ارباز خان مون کي طلاق ڏني يا نه، ان بابت ارباز کان ئي پڇيو وڃي.خوشبوءِ خان پنهنجي ۽ ارباز خان بابت هليل افواهن تي ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهن ۽ ارباز جي اڳوڻين گرل فرينڊز اسان بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون. واضح رهي ته خوشبوءِ خان ۽ ارباز خان 2000ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين ٻه پٽ آهن، جڏهن ته پويان 5 سالن کان ٻنهي جي الڳ رهڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون.










