ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور هندستاني ڳائڻي ۽ ريپر بادشاه ۽ اداڪاره ايشا رڪي شادي جي صرف 5 مهينن کان پوءِ باهمي رضامندي سان پنهنجي عليحدگي جو اعلان ڪيو آهي.ڳائڻي بادشاه انسٽاگرام اسٽوري ذريعي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مون ۽ ايشا رڪي باهمي رضامندي سان الڳ ٿيڻ ۽ پنهنجي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته هي فيصلو باهمي احترام سان ڪيو ويو آهي ۽ مان سڀني کي درخواست ڪريان ٿو ته هن ڏکئي وقت ۾ منهنجي ۽ ايشا جي ذاتي زندگي جو احترام ڪن.بادشاه واضح ڪيو آهي ته هي هن معاملي تي منهنجو واحد بيان هوندو ۽ ڪنهن به قسم جي قياس آرائي يا مفروضن کان پاسو ڪيو وڃي.هندستاني ميڊيا موجب، جولاءِ ۾ سوشل ميڊيا تي بادشاه ۽ ايشا رڪي جي وچ ۾ اختلافن جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون.ان دوران، ايشا رڪي بادشاه سان پنهنجين تصويرن ۽ وڊيوز جو هڪ مجموعو شيئر ڪيو ۽ انسٽاگرام پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هر طوفان هڪ سبق آهي، هر دعا اميد آهي.هن پيغام کان پوءِ، مداحن جوڙي جي رشتي ۾ مسئلن بابت اندازا لڳائڻ شروع ڪيا.ياد رهي ته ايشا رِکي هن سال جون ۾ هڪ آن لائن سوال ۽ جواب جي سيشن دوران بادشاه سان پنهنجي شادي جي تصديق ڪئي هئي.جوڙي جي وچ ۾ عليحدگي جو اعلان انهن خبرن کان پوءِ ٿيو جڏهن ٻڌايو ويو ته ايشا رِکي ممڪن طور تي سلمان خان جي ميزباني هيٺ ريئلٽي شو ‘بگ باس 20’ جي مقابلي ۾ شامل ٿي سگهي ٿي.ڀارتي ميڊيا موجب، بادشاه اڳ ۾ جاسمين مسيح سان شادي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ ٻنهي 2020 ۾ پنهنجي طلاق کي حتمي شڪل ڏني.بادشا ۽ جاسمين مسيح جي هڪ ڌيءَ جيسي گريس مسيح سنگهه پڻ آهي، جيڪا جنوري 2017 ۾ پيدا ٿي هئي.










