اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينئر صحافي شاڪر سولنگي جي نوجوان پٽ جي وفات تي نيشنل پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، عبدالغفور حيدري، پريس ڪلب جي عهديدارن سينئر صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شيراز شاڪر سولنگي، جيڪو چين مان تعليم مڪمل ڪري واپس آيو هو، تنهن کي ٽڪ ٽاڪ سان لاڳاپيل ڪمپني ۾ نوڪري جي آڇ به ٿي هئي ۽ جنهن صبح کيس ڪمپني سان معاهدو ڪرڻو هو، ان رات کيس ننڍ ۾ دل جو دورو پيو هو. سندس جنازي نماز اسلام آباد ۾ ادا ڪرڻ بعد مڙهه تدفين لاءِ خيرپور ۾ واقع پنهنجي اباڻي ڳوٺ گاگڙي نيو ويو هو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙن مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ ۽ مغفرت لاءِ دعا بعد شاڪر سولنگي سان تغزيت پڻ ڪئي.










