ٻوڏ متاثرن جي مدد، حديقه ڪياني 100 گهر ٺهرائڻ ۾ ڪامياب

ٻوڏ متاثرن جي مدد، حديقه ڪياني 100 گهر ٺهرائڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا حديقه ڪياني ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 گهرن جي تعمير مڪمل ڪري ورتي.حديقه ڪياني بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 200 گهر تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن مان هن 100 گهرن جي تعمير مڪمل ڪري ورتي آهي.گلوڪارا ۽ اداڪارا گهرن جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان ان مهم جو حصو بڻجندڙن جي ٿورائتي آهيان، مهم تحت 100 گهرن جي تعمير مڪمل ٿي وئي آهي، جن ۾ هڪ اسڪول ۽ هڪ ميٽرنٽي هوم به شامل آهي.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن ۾ وڏو انگ ڳورهاري عورتن جو به هيو، جيڪي موت جو شڪار ٿي رهيون هيون، تنهن ڪري ميٽرنٽي هوم قائم ڪرڻ ضروري هو.

پهنجو تبصرو موڪليو