وياج بابت اسيمبلي ۾ آيل بل

وياج بابت اسيمبلي ۾ آيل بل

توفيق لنڊ‎‎
اسلام ۾ ته وياج لا۽ وڏو هڪ پيغام آهي ته وياج وٺڻ وارو وياج ڏيڻ وارو ٻئي جهنمي ئي آهن انهن کي سخت سزا ملندي پر ڏسجي ته اسان هاڻي اسلامي روایتن کان هٽي ڪري پنهنجو قانون پاڻ ٺاهيو آهي وياج ته هڪ اهڙي موذي بيماري آهي جنهن ۾ ماڻهون نسل به نسل پاٿل رهي ٿو سنڌ صوبي جي هر ضلعي ۾ ڪارو ڌنڌو هلي ٿو پر اسان جي خيرپور ضلعي ۾ هڪ وڏو انڪشاف ٿيو آهي ته هتان جا لوڪل منسٽر پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري پنهنجو غريبن جي ٽيڪس غريبن جي ووٽ مان ڪمايل پئسو ايجنٽن ذريعي غريب ماڻهون کي ڦاسائي انهن کان زندگي جو جياپو کسي ڇڏن ٿا ڇا هاڻي ان اسيمبلي مان انهن منسٽرن بل پاس ڪرايو آه ته وياج ڏيندڙ کي 10 سال جي سزا ڏني ويندي ۽ مٿس 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو پر لڳي ائين ٿو ته جيڪڏهن ان کي رياست سزا ڏئي به ٿئي ته اهو پنهنجو حساب ڪتاب جيل ۾ هجڻ باوجود هلائيندو ڇو ته 10سال ڪا وڏي سزا ناهي هي وياجي ته سڄي عمر وياج ڏيندڙ کي پنهنجي غلامي هيٺ قابض ڪيو ويٺا هوندا آهن هاڻي انهن کي هي سزا ڇا صحيح آهي اسان هميشھ اخبار جي دنيا جي يا سوشل ميڊيا اهيو ڏسندا ٿا ته اچون ته وياج نه ڀرڻ پورهيت غريب ماڻهون خودڪشي ڪري ڇڏيو جوا عيوض نياڻي کي کپايو ويو جوا عيوض معصوم نياڻي کي ننڍي عمر ۾ پرڻايو ويو آهي وياج عيوض غريب ماڻهون جريب زمين جو کپائي ڇڏي ٿو اڪثر ته سرڪاري ملازم جنهن ۾ اسڪول ٽيچر پوليس ۾ ننڍي گريڊ جا ملازم ريٽارڊ فوجي ،لوڪل گورنمينٽ سميت هر اداري سان جڙيل ننڍي گريڊ جا ملام به وقت ڏکيو اچڻ تي وياجين جا در کڙڪائيندا آهن پو۽ ته اهي ملازم سڳوار پنهنجا چيڪ سروس بڪ به انهن جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا هت سڀ فرعون لڳا پيا آهن دولت جي نشي ۾ گم ٿي ڪري غريبن جي احساسات سان کيڏيو پيو وڃي غريبن جا چلها بند ڪيا ٿا وڃن پو۽ ڪئين غريب ماڻهون ڪئين پنهنجي ٻارن جو مستقبل ٺاهيندو ڪئين پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياريندو ڪئين بچن جي پالنا لا۽ گهر جو چرخو هلائيندو جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو به مالي وسيلو نه هوندو ان لا۽ هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي انهن جي زندگي کي موت طرف ڌڪيو ٿو وڃي وياج خورن کي ڪو به اهڙو رياسي فرد يا رياستي ادارو انهن جو وار ونگو نٿو ڪري سگهي ڇو ته انهن وياجي حرام خورن جي پٺڀرائي وقت جا حاڪم ڪري رهيا آهن اهي وقت جا حاڪم هميشه لا۽ حاڪم بڻجن چاهن ٿا پر اهيو خدا جي در ۾ ناممڪن آهي ڇو ته عروج جو زوال اچڻو آهي لوڪل سطع تي پوليس پارٽي به انهن وڏيرن ڀوتارن سان مليل رهندي آهي ڇو ته اهي ڪاروائي ڪرڻ جي سگھ نٿا رکي سگهن ڇو ته انهن جي پوسٽنگ انهن سياسي درن مان ٿيندو آهي جتان وياج جو پئسو نڪري غريبن جا اجها لوڙهي ٿا ڇڏين اسان جي ضلعي خيرپور جو ايس ايس پي مير روحل کوسو اهيو دبنگ اعلان ڪيو آهي ته پنهنجي ضلعي خيرپور اندر وياجي ماڻهون جا لسٽ انهن چوراهن تي هڻندس جٿ هو عبرت جو نشانو بڻجندا پر اسان واضع ڪيون ته ايس ايس پي صاحب جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ احساس نرمي غريبن جي لاء آهي ته انهن سياستدانن جي اڳيان سرينڊر نه ٿيو انهن فرونن خلاف ڪاروائي ڪيو جئين وڌيڪ هن غربت واري سماج ۾ ڪو غريب ماڻهون وياجي جي نظر نه چڙهي ۽ وياج جي ڪري پنهنجي زندگي جو اجهو نه مٽائي سگهي هن وياج جي ڪري معصوم ٻارن جي زندگي خراب نه ٿئي

پهنجو تبصرو موڪليو