حماد قاضي
اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل 4 فيبروري تي ڪراچي ۾ خطاب ڪندي ملڪ جي موجوده معاشي بحران جو تذڪرو ڪيو. ھن ھلندڙ بحران جي ڪارڻ تي گفتگو ڪرڻ سان گڏوگڏ ھن ڳالهه تي به زور ڀريو ته اسان کي مستقل قرضن جي گردش ۾ رھڻ بدران پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ لاء پاليسي جوڙڻي پوندي.
ڏٺو وڃي ته ھن وقت دنيا جا اسرندڙ ملڪ پنهنجي معيشت جو رخ تيزي سان ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي طرف ڪري رھيا آهن ـ اوڻيھين صدي ۾ شروع ٿيندڙ صنعتي سماج ھاڻ تيزي سان آئي ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي منتقل ٿي رھيو آهي.
اسان ھن دور ۾ به معاشي اعتبار سان ھڪ زرعي ملڪ طور سڃاڻپ رکون ٿا- تنھن ھوندي به اسان وٽ زراعت جي لاء ڪو جديد ۽ لاڀائتو نظام جڙيل ناھي. نتيجي طور اسان کي عام کاڌي پيتي جون شيون به گهڻي قدر ٻاھران امپورٽ ڪرڻيون پون ٿيون.
ھن وقت عرب دنيا جا صحرائي علائقا جتي پاڻي جي پڻ کوٽ آهي اتي به ذراعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي. جڏھن ته اسان وٽ سنڌو ڌرياء جي ڪنڌي تي به سوين ايڪڙ زمين غير آباد آهي ـ جيڪا زراعت ٿي رهي آهي اھا به پراڻن روايتي طريقن تي ڪئي پئي وڃي۔ نتيجي طور زرعي پيداوار ايتري گھٽ آهي جو ٻاھر ايڪسپورٽ ڪرڻ ته پري رهيو پر مقامي واھپي لاء به ناڪافي آهي.
ھڪ زرعي ملڪ ھجڻ جي ناطي زراعت کي سرڪاري سطح تي ترجيح ڏيڻ ۽ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي۔ زراعت جي ميدان ۾ نه صرف کاڌ خوراڪ بلڪ دوائن ۽ ٻين ڪيميائي استعمال جي خام مال جي وڏي پيماني تي پيداوار لاء قدم کڻڻا پوندا۔
تعليم ۽ ھنر جي ميدان ۾ اسان دنيا کان تمام گهڻو پري بيٺل آھيون ـ ھن وقت دنيا ۾ آن لائن ڪمائي جو رجحان وڌي رھيو آهي گرافڪ ڊزائننگ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ٻين ھنرن جي استعمال سان لکين نوجوان نه رڳو پنهنجي معيشت مضبوط ڪري رھيا آهن بلڪ ملڪي ناڻي ۾ به اضافو ڪري رھيا آهن ـ جڏهن ته اسان وٽ آئي ٽي ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجينيئرنگ جھڙين ٽيڪنيڪل فيلڊن جي مقابلي ۾ ميڊيڪل جي شعبن کي اھميت ڏني وڃي ٿي.
ميڊيڪل جي شعبي ۾ اسان وٽ ھر سال لکين نوجوان ھن ڊوڙ ۾ شامل ٿين ٿا، ان باوجود صحت جي شعبي ۾ عالمي سطح تي اسان ڪا خاص ايجاد يا ڪوشش نه ڪري سگھيا آھيون۔ اسان جي تعليمي ماھرن کي سوچڻ کپي ته ھر سال لکين ڊاڪٽر پاس آئوٽ ڪري فيلڊ ۾ لھن ٿا انهن مان گھڻا پوسٽ گريجوئيشن ۽ ريسرچ ڪن ٿا؟
ڇا انهن جي منزل بس ايتري ئي آهي جو ڪنهن گلي ۾ ڪلينڪ کولي يا ڪنهن سرڪاري اسپتال جي او پي ڊي ڪري ويھي رھن؟ نوجوانن جي ھيڏي وڏي تعداد کي ھٿ وٺائي انهن جي ٽيلينٽ کي ملڪ ۽ قوم جي اجتماعي فائدي لاء استعمال ڪيئن ڪري سگهجي ٿو.
ان کان علاوه گورنمنٽ انجينيئرنگ ء ڪمپيوٽر جي ٽيڪنيڪل فيلڊن کي اھميت ڏئي انهن ۾ روزگار جا مناسب موقعا فراھم ڪري ته نه صرف لکين نوجوانن جو ٽيلينٽ ضايع ٿيڻ کان بچي پوندو، بلڪ ملڪي خزاني ۾ به قابل ذڪر اضافو ٿيندو.
ھيستائين غير سنجيدگي ۽ بروقت پر اثر فيصلا نه ڪرڻ جا نتيجا قوم معاشي مشڪلن جي صورت ۾ ڀوڳي رهي آهي ـ ضرورت ھن ڳالهه جي آهي ته حڪومتي ۽ رياستي اسٽيڪ ھولڊرز طرفان بروقت ضرورتن جو ادراڪ ڪري ملڪي معيشت جي بحالي لاء مستقل بنيادن تي پاليسي جوڙي وڃي.










