ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قدر هيٺ آهي.آمريڪي ڊالر به اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 65 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 272 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 271 رپيا 35 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات مثبت هئي جيڪا ڪجهه دير کانپوءِ منفي ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 127 پوائنٽس وڌي 40,860 جي سطح تي پهتو، جڏهن ته انڊيڪس 33 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40,700 تي اچي ويو. ڪالهه 100 انڊيڪس 40733 پوائنٽس تي بند ٿيو.










