اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي درخواست تي پاڪستان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس جي شعبي ۾ 4100 ارب رپين جو گردشي قرض ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي مطالبي موجب مارچ تائين بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي، مئي تائين بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ 70 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آگسٽ تائين بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا في يونٽ واڌ ٿيندي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته هلندڙ مالي سال گردشي قرضن ۾ 952 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 675 ارب رپين جي سبسڊي ختم ڪئي ويندي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان صارفين کان 200 ارب رپيا ورتا ويندا، ان حوالي سان حڪومت کان نظرثاني ٿيل گردشي قرضن جي انتظام جو پلان طلب ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض 2500 ارب تائين پهچي ويو آهي، گئس جي شعبي ۾ 1600 ارب تائين پهچي ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف تي دٻاءُ آهي ته بجلي تي سبسڊي گهٽائڻ ۽ ٽيرف وڌائڻ لاءِ خسارو گهٽائڻ لاءِ آهي ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ ساڍا 7 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت 100 يونٽن بدران 300 يونٽن تائين سبسڊي ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ توانائي جي شعبي تي اتفاق راءِ لاءِ ڳالهيون جاري رهنديون.










