نوجوان گم،وارثن جو  پوليس خلاف احتجاج،انصاف جومطالبو

نوجوان گم،وارثن جو پوليس خلاف احتجاج،انصاف جومطالبو

ٺٽو(ن س) مڪلي پوليس خشڪ برادري جو ھڪ وڌيڪ نوجوان گھران کڻي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، وارث سخت پريشان، وارثن جو مڪلي تي احتجاج انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ مڪلي پوليس پاران گھران گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان عنايت حسين خشڪ جي ڪيترن ئي وارثن پنھنجي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ مڪلي تي احتجاج ڪندي نياز حسين خشڪ ۽ بين چيو تہ 9 ڏينھن اڳ مڪلي پوليس جي ڊي ايس پي جمعہ خان پنھور، فيصل ميمڻ، ايس ايڇ او مڪلي حاڪم کوسو پاران جوڳي ڪالوني مڪلي تي چڙھائي ڪري عنايت حسين خشڪ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي باري ۾ پوليس ڪجھ بہ ٻڌائڻ لاء تيار ناھي، کين خدشو اھي تہ ڪٿي پوليس نوجوان کي ڪو نقصان نہ پھچائي، ھنن چيو تہ ھن کان اڳ ۾ ساڳئي پوليس ھڪ مھينو اڳ سندن ٻين ٻن نوجوانن شعيب خشڪ ۽ نفيس خشڪ کي بہ اھڙي طريقي سان گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد ھڪ مھيني کانپوء CTD ڪراچي ۾ گرفتاري ظاھر ڪري مٿن ھٿ ٺوڪيا دھشتگردي جھڙا ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو اھي، ڪٿي ھن نوجوان سان بہ ساڳيو نہ حشر ڪيو وڃي. ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، اء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ سندن گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان عنايت حسين خشڪ کي ازاد ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو