اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي پيشي جي موقعي تي سندس گهرواري حبا چوڌري اڄ اسلام آباد جي عدالت پهتي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حبا چوڌري چيو ته حڪومت ۽ پوليس پاران دير جو شڪار حربا استعمال ڪيا پيا وڃن.حبا چوڌري چيو ته منهنجي مڙس کي ٻيهر عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي، وڪيل به موجود آهن، ڪٽنب به موجود آهي پر جاچ آفيسر نه آيو آهي.حبا چوڌري پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي به عدالت ۾ اچڻ جي درخواست ڪئي.










