دادو (ن س )سنڌ جي گورک هل اسٽيشن مري نالي تي هلڪي برفباري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.هلڪي برفباري ۽ تيز هوائن سبب گورک هل اسٽيشن ۽ ڀرپاسي ۾ به سردي جي شدت وڌي وئي آهي.گورک هل اسٽيشن جي انچارج جمن جمالي جو چوڻ آهي ته گورک هل اسٽيشن تي 2 سالن کان پوءِ برفباري ٿي آهي.ٻئي طرف موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ هڪ ٻي نئين سردي جي لهر داخل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ صوبي ۾ اڄ کان سردي جي نئين لهر اچڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب گرمي پد 2 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.










