لالا لطيف آفريدي جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

لالا لطيف آفريدي جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

پشاور(ويب ڊيسڪ)سينيئر وڪيل80 سالن جي لالا لطيف آفريدي جي جنازي نماز حيات آباد جي باغ ناران ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي کان اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قيصر رشيد سميت سياستدانن، وڪيلن ۽ ٻين معززين جي وڏي انگ جنازي ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ پشاور جو ميئر زبير علي ۽ قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ به موجود هئا.


کيس هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. 1943 ۾ جنم وٺندڙ لالا عبدالطيف آفريدي پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪئي، مذهبي انتها پسندي جو مخالف هو. هن کي گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ بار روم عدنان سميع الله آفريدي نالي نوجوان قتل ڪيو هو، کيس 6 گوليون لڳيون. جوابدار جو چوڻ آهي ته هو سندس مامي جي قتل ۾ ملوث هو کيس بدلي طور قتل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو