ذاڪر نائڪ هندن بابت تبصري تي معافي وٺي ڇڏي

ڪولالمپور(ڊيسڪ رپورٽ) اسلامي مبلغ ذاڪر نائڪ ملائيشيا جي اقليتن بابت پنهنجي تڪراري تبصري تي غير مشروط طور معافي وٺي ڇڏي آهي. هن هڪ تقرير ۾ چيو هو ته ڀارت م رهندڙ مسلمانن کان ملائيشيا ۾ رهندڙ هندن کي 100 ڀيرا وڌي حق حاصل آهن ۽ چيني ته هتي جا مهمان آهن. جنهن تي مٿس ڪڙي تنقيد ٿي هئي. ذاڪر نائڪ جيڪو ڀرتي شهري آهي، مني لانڊرنگ ۽ نفرت آميز تقريرن جي الزامن بعد ملڪ ڇڏي ملائيشيا ۾ مستقل رهائش حاصل ڪئي آهي. ملائيشيا جي ڪيترن ئي وزيرن کيس ملڪ بدر ڪرڻ جا بيان ڏنا. وزيراعظم مهاتير محمد چيو ته هو اسلام بابت ڀلي ڳلاهائي پر ملائيشيا جي لساني، سياسي ۽ ٻين معاملن بابت هن کي احتياط ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته سوا ٽي ڪروڙ آبادي واري ملڪ ملائيشيا ۾ 69 سيڪڙو مالي قوم آهي باقي تامل ۽ چيني رهن ٿا جن مان اڪثريت هندن جي آهي. ذاڪر نائڪ معافي وٺندي چيو آهي ته هن جي تقرير تناظر کان هٽي ڪري پيش ڪئي وئي ۽ هن جو هر گز مقصد ڪنهن مذهب جي دل آزاري ڪرڻ نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو