پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي حالتن بابت ڏنل بيان تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.بيرسٽر محمد علي سيف سُڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته شرجيل ميمڻ جي مثال ان ڏيڏر جهڙي آهي جيڪو ٿلهي تي چڙهي چوندو آهي ته ڪشمير نظر اچي پيو، شرجيل ميمڻ جون نظرون سنڌ تي نٿيون پون پر کيس خيبرپختونخواهه نظر ايندو آهي.هن چيو ته شرجيل ميمڻ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان بابت وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ڪراچي ۾ جيترا ڏوهه ٿي رهيا آهن ايترا سموري پاڪستان ۾ ناهن ٿيندا.ڪي پي ڪي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪراچي پپيلز پارٽي جي حڪومت واري دور ۾ ڏوهارين جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي هنن جي نااهلي سبب ڪراچي ۾ ڌارين جي لوڌ اچي رهي آهي. سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ به پوليس اهلڪار محفوظ نه آهن.بيرسٽر محمد علي سيف وڌيڪ چيو ته شرجيل ميمڻ خيبرپختونخواهه اچي کيس سيڪيورٽي گارڊ کان سواءِ گهمائي ڏيکارينداسين. شرجيل ميمڻ وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي سنڌ جي حالتن تي ڌيان ڏئي.










