برسات سٽيل عوام ۽ ڊي سي حيدرآباد

عابد علي سومرو
سنڌ م جھڙي طريقي سان برساتن تباھي مچائي ڇڏي ھئي ان جو ڪاٿو لڳائڻ تمام مشڪل ڪم ھو پر سنڌ جي مختلف ضلعن م جھڙي طريقي سان ڊپٽي ڪمشنرز ان سونامي کي منھن ڏنو ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي سنڌ ۾ ٿيل برساتن جي ڪري پوري سنڌ ۾ تباھي جا منظر نمايان نظر اچي رھيا ھئا جتي غريب عوام ۽ سندن معصوم ٻارڙا روڊن ۽ رستن تي دربدر ٿيندي نظر آيا، ھن مشڪل گھڙي ۾ ڪير ڪنھن جو يار و مددگار نہ ھو ھر ماڻھو پنھنجي جان بچائڻ ۾ پورو ھو، پر سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا انيڪ مرد بہ موجود ھئا جن نہ فقط سرڪار جي پاران بہ عوام جي مدد ڪئي پر انھن پنھنجي ھڙان توڙي وڙان بہ مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، اھڙن سخي ۽ نيڪ مردن ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدر آباد فواد غفار سومرو صاحب جن پڻ ھڪ آھن. فواد غفار سومرو صاحب جن جيڪي حيدرآباد ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جا فرض انجام ڏيئي رھيا آھن انھن تازي ٿيل برساتن ۾ نہ فقط سرڪاري طرح عوام جي مدد ڪئي پر ھن پنھنجي کيسي مان بہ دل کولي غريب عوام جي مدد ڪئي، فواد غفار سومرو صاحب جن غريب عوام لاءِ سرڪاري ٽينٽ، سان گڏوگڏ راشن جا ڪٽا، ڪنبل، معذور ماڻھن لاءِ ويل چيئر پڻ مھيا ڪيون ۽ جڏھن سرڪاري امداد ختم ٿي ويئي تہ فواد غفار سومرو صاحب جن پنھنجي کيسي مان بہ دل کولي غريب ۽ مستحق ماڻھن تائين راشن ۽ ٻيو سامان پھچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي. حيدرآباد ۾ تازي ٿيل برساتن کان پوءِ سوين بيمارين پڻ منھن ڪڍيو جنھن جي روڪ ٿام لاءِ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جناب فواد غفار سومرو صاحب جن مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس لڳائي نہ فقط ماڻھن جو مفت علاج ڪرايو پر انھن ماڻھن کي بيماري کان بچڻ لاءِ ھر سھولت پڻ مھيا ڪئي.ان کان علاوہ ھن وقت بہ حيدرآباد ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ مليريا کان بچاءَ لاءِ اسپري ڪرڻ جا حڪم پڻ صادر فرمايا جنھن جي نتيجي ۾ اڄ پوري ضلعي حيدرآباد ۾ بيمارين ۾ ڪافي حد تائين گھٽتائي اچي چڪي آھي.پوري ضلعي حيدرآباد ۾ سروي جو ڪم تمام وڏي ايمانداري سان جاري آھن جن ماڻھن جا گھر ڊھي پيا آھن انھن کي گھر ٺاھي ڏيڻ جو ڪم زور ۽ شور سان جاري آھي. ان کان علاوہ جن ماڻھن جي گھرن ۾ برسات دوران فوتگيون آھن انھن ماڻھن کي 10 لک روپين تائين سرڪاري امداد جو ڪم بہ شروع ڪيو ويو آھي.ضلعي حيدرآباد ۾ ڪافي حد تائين رشوت جي بازار کي ختم ڪرايو ويو آھي ڇاڪاڻ تہ اڳ ۾ ضلعي حيدرآباد ۾ ھر ڪم پئسن عيوض ٿيندو ھو ھر سرڪاري دفتر ۾ راشي ماڻھو وات کوليون بيٺا ھوندا ھئا پر ھن وقت اھڙي ڪڌي ڪم تي ڪڙي نظر رکي پيئي وڃي ۽ گھڻي وقت کان پوءِ ھتان جي عوام بھتري محسوس ڪئي آھي. حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جناب فواد غفار سومرو جص اچڻ کان اڳ ۾ حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي پھتل ھو پر ڊپٽي ڪمشنر صاحب ايس ايس پي حيدرآباد جي گڏيل ڪوششن سان ڪافي حد تائين ڏوھن ۾ ضابطو آندو ويو آھي. فواد غفار سومرو جن جڏھن کان ضلعي حيدرآباد جي چارج سنڀالي آھي تہ ھن اچڻ شرط ايس ايس پي حيدرآباد سان گڏجي ضلعي حيدرآباد جي صورتحال تي غور ڪرڻ کان پوءِ وڏي محنت ۽ جدوجھد سان امن امن جي صورتحال بحال ڪرائي آھي. ضلعي حيدرآباد ۽ سندن لاڳاپيل تعلقن ۾ ترقياتي ڪم جن ۾ مختلف ڪالونين جي گھٽين اندر ٽرف ٽائيل سان گڌ گھٽين اندر بلاڪ لڳائڻ جو ڪم بہ ٿي رھيو آھي ان کان علاوہ شھرن جي بازارن ۾ بہ ٽرف ٽائيل لڳائي شھر ۾ بازارن کي خوبصورت ڪرڻ جو ڪم جاري آھي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جناب فواد غفار سومرو جھڙا عظيم انسان ورلي جنم وٺندا آھن ڇاڪاڻ تہ ھو پنھنجي ذاتي انا کي ھڪ پاسي رکي غريب عوام جي منجهيل مسئلن تي وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، سو ھن وقت حيدرآباد ضلعي ۾ عوامي مسئلن تي وڌيڪ توجھ ڏني پيئي وڃي. ضلعي حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جناب فواد غفار سومرو صاحب جن سياسي ۽ سماجي ورڪرن کي ساڻ ڪري حيدرآباد ضلعي جي ترقي ۽ واڌ ويجھ لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڪوششون وٺي رھيا آھن تہ جيئن ضلعي حيدرآباد ۾ امن امان جي صورتحال سان گڏ ھتان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪجھ ڪري سگھجي سو ان لاءِ اسين بہ ھمٿ افزائي ڪندي سندن ڪيل ڪمن کي ايپريشيئيٽ ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا تہ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جناب فواد غفار سومروصاحب جن پوري ضلعي حيدرآباد جي ترقي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون وٺي عوام جا مسئلا حل ڪندا ۽ پوري ضلعي حيدرآباد جي ترقي لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري شھر کي خوبصورت بنائڻ ۽ شھر ۾ امن امان کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا. .

پهنجو تبصرو موڪليو