ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) مبارڪپور ۾ مهر برادري جي ٽن ڄڻن تي سندس برادري جي ماڻهن جو حملو ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو. صوفياڻي راڳ جي محفل تان موٽندڙ مهر برادري جي ٽن ڄڻن مومن ، غلام قادر ۽ انور مهر تي سندس برادري جي 8 هٿياربندن جنهن ۾ الهيار، دورو، عبدو، صدورو ۽ چئن نامعلوم ماڻهن حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ ٽيئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي رات دير سان ٿاڻي تان ليٽر وٺي تعلقه اسپتال پنو عاقل نيو ويو.










