اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته پي ٽي آءِ وفاقي راڄڌاني ۾ جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته انتظاميه کي نئين درخواست جمع ڪرائي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۽ ڌرڻي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران عمران خان تي ريلي دوران حملي جي خطري بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته انٽيليجنس رپورٽن موجب عمران خان تي حملي جو خدشو آهي، حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي ته هو ان ڳالهه تي غور ڪري.جسٽس عامر فاروق چيو ته احتجاج ڪرڻ سياسي ۽ غير سياسي پارٽين جو حق آهي پر عام شهرين ۽ درخواستگذارن ۽ واپارين جو به حق آهي جنهن کي متاثر نه ٿيڻ گهرجي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته انگلينڊ ۾ به مظاهرين ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي اچن ٿا ۽ احتجاج ڪن ٿا پر روڊ بلاڪ نٿا ڪن.چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر جون ذميواريون نٿيون کڻي سگهي، جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر جي ڪنهن حڪم سان متاثر ٿيو ته عدالت ۾ اچو.ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ چيو ته لانگ مارچ کي روڪي نٿو سگهجي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي ٽي روڊ، موٽر وي ۽ ٻيا شاهراه بند ڪيا، اوهان به ذميواري جو مظاهرو ڪيو.تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته نئين درخواست لاءِ پارٽي قيادت سان مشاورت ڪئي وڃي.عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ انتظاميا کي نئين درخواست جمع ڪرائي ته جيڪڏهن جلسو ڪرڻ چاهي ٿو ته عوام جا حق متاثر نه ٿين.










