لاهور(ويب ڊيسڪ)زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان جي رهائشگاهه تي بلٽ پروف شيشا لڳائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر کي 7 ونڊوز آهن جن تي 35 بلٽ پروف شيشا لڳل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلٽ پروف شيشي جي قيمت 90 لک رپيا آهي جيڪا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو.










